تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ڀارتي هدايتڪار ۽ اداڪار نشي ڪانت ڪامت فوت ٿي ويو

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ ايڪشن هيرو اجي ديوگن جي فلم درشيام ۽ مرحوم عرفان خان جي فلم مداري جهڙين فلمن جو هدايتڪار ۽ اداڪار 50 ورهين جو نشي ڪانت ڪامت جگر جي مرض وگهي فوت ٿي ويو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب نشي ڪانت ڪامت رياست تلنگانا جي شهر حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل هو ۽ ڪجهه ڏينهن کان سندس طبيعت خراب هئي. نشي ڪانت جي علاج دوران ئي سندس موت جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون هيون.

Bookmark the permalink.