تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڀارتي موسيقار واجد علي لاڏاڻو ڪري ويو، راحت فتح علي ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور موسيقار جوڙي ساجد واجد جو ميمبر واجد علي خان ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جيميوزڪ ڪمپوزر واجد خان ڊگهي وقت کان گردن جي مرض ۾ مبتلا هو. واجد خان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ميوزڪ ڪمپوزر سليم مرچنٽ چيو ته واجد ڪجهه ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي سندس طبيعت خراب ٿي وئي هئي. سليم مرچنٽ وڌيڪ چيو ته واجد خان جي طبيعت گهڻي خراب ٿيڻ سبب گذريل چئن ڏينهن کان وينٽي ليٽر تي هو. واضح رهي ته واجد خان مشهور طبله نواز استاد شرافت علي خان جو پٽ هو جڏهن ته واجد خان ۽ سندس ڀاءُ ساجد خان جو ميوزڪ گروپ ساجد واجد جي نالي سان مشهور آهي. ميوزڪ ڪمپوزر واجد خان سلمان خان تي عڪسبند ڪيل ٻن گانن جي موسيقي به ترتيب ڏني هئي جڏهن ته هن سلمان خان سان فلم دبنگ، ايڪ ٿا ٽائيگر ۽ وانٽيڊ ۾ به ڪم ڪيو هو. هوڏانهن مشهور ڳائڻي استاد راحت فتح علي خان ڀارتي ميوزڪ ڪمپوزر واجد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي چيو ته واجد خان جو موت اسان سڀني لاءِ وڏو نقصان آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ راحت فتح علي خان چيو ته اڄوڪو ڏينهن افسوسناڪ خبر سان شروع ٿيو آهي ڇو ته هر دلعزيز ميوزڪ ڪمپوزر واجد ڀائي اسان کان وڇڙي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار عدنان صديقي واجد خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واجد خان هليو ويو ۽ ڳالهيون اڻپوريون رهجي ويون. عدنان صديقي انسٽاگرام تي واجد خان ۽ سندس ڀاءُ ساجد خان جي تصوير شيئر ڪندي پيغام جاري ڪيو جڏهن ته ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ واجد علي جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ شئي هميشه ياد رکنديس اها آهي واجد علي جي مرڪ، جيڪو هر وقت مرڪندو رهندو هو پر اسان کي جلد ڇڏي هليو ويو. اداڪارا پريانڪا کانسواءِ ڀارتي ڳائڻي ميڪا سنگهه سميت ٻين پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.