تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڀارتي ستارن جي موت تي مذاق اڏڻ عامر لياقت مهانگو پئجي ويو، معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي (شوبز نيوز) رمضان شو ۾ ڀارتي ستارن عرفان خان ۽ سري ديوي جي موت تي مذاق اڏائڻ تي سخت تنقيد بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ٽي وي هوسٽ عامر لياقت عوام کان معافي وٺي ڇڏي آهي گذريل ڏينهن عامر لياقت هڪ شو ۾ اداڪار عدنان صديقي کي پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ان پروگرام جو هڪ ويڊيو ڪلپ وائرل ٿي وئي جنهن ۾ عامر لياقت نامناسب لفظن جو استعمال ڪندي عرفان خان ۽ سري ديوي جي موت تي مذاق اڏايو آهي، ويڊيو ڪلپ وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي عامر لياقت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ ويڊيو جاري ڪندي معافي وٺي ڇڏي آهي، عامرلياقت چيو ته گذريل ڏينهن جي پروگرام ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ٿي ويون آهن لائيو پروگرام ۾ توهان پنهنجي زبان کان ڪا ڳالهه نڪري وڃن ٿا جن ۾ اهڙي ڪا وڏي ڳالهه نه هئي ، انهن تي فوري طور غور ٿيڻ گهرجي ها پر بعد ۾ سوچڻ تي خبر پئي ته اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن ها، انسانيت کي سامهون رکندي اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي مون کان اهڙي غلطي ٿي آهي جنهن تي افسوس آهي هن وڌيڪ چيو ته پاڙيسري ملڪ جا فنڪار اسان جي لاءِ قابل احترام آهن ٻئي طرف عدنان صديقي چيو آهي ته سري ديوي ۽ عرفان خان جي خاندان ۽ چاهيندڙن کان معافي گهران ٿو عامر لياقت هڪ اهم حساس معاملي جو مذاق اڏايو آهي،

Bookmark the permalink.