تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڀارتي اداڪار رشي ڪپور جي لاءِ ماهره خان جي سوشل ميڊيا تي واپسي

لاهور (شوبز نيوز) تازو ئي سوشل ميڊيا تان پري ٿيڻ جو اعلان ڪندڙ اداڪاره ماهره خان کي هڪ خبر واپس اچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار رشي ڪپور خميس 30 اپريل تي 67 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري ويو هو. 2018 ۾ بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا ٿيندڙ اداڪار هڪ سال تائين آمريڪا ۾  ڪينسر جو علاج ڪرائڻ کان پوءِ سيپٽمبر 2019 ۾ ڀارت واپس آيو هو. اداڪاره ڀارتي اداڪار رشي ڪپور جي موت تي انسٽاگرام پوسٽ ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو. رشي ڪپور جي جواني جي تصوير شيئر ڪندي  ماهره لکيو زندگي اوهان لاءِ تمام گهڻي مختصر هئي، اوهان هميشه هن زندگي کان وڏا هئا. اوهان جو جي مهرباني. اوهان اسان جي دلين ۾  هميشه زنده رهندو. ان کان اڳ 29 اپريل تي سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ماهره سوشل ميڊيا تان بريڪ وٺڻ جو ٻڌايو هو. پنهنجي ٽوئٽ ۾ ماهره جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصي لاءِ سوشل ميڊيا تي بريڪ وٺي رهي آهيان. هلندڙ صورتحال ۽ ٻين واقعن ۾ به صبر، شڪر ۽ توڪل کي ياد رکو.

Bookmark the permalink.