تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٿورڙي ورزش ڪري بي چيني کان بچي سگهجي ٿو: شنيرا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي زال ۽ سماجي ڪارڪن شنيرا اڪرم جو چوڻ آهي ته روزانو ڪجهه دير ورزش ڪجي ته ڊپريشن ۽ بي چيني کان بچي سگهجي ٿو. شنيرا اڪرم انسٽاگرام تي ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تي ورتل پنهنجي پراڻي تصوير سان گڏ ڊپريشن کان بچاءُ جو حل شيئر ڪيو. شنيرا جو ذهني صحت بابت چوڻ هو ته سمنڊ ڪناري سج جي شعاعن ۾ 30 کان 45 منٽن جي ورزش اوهان جي ذهني بي چيني ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

Bookmark the permalink.