تازا ترين
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

ٿلهي هجڻ تي پيسا ڪمائيندڙ اداڪارا وزن گهٽائي ورتو

اداڪارا ۽ ڪاميڊين ريبل ولسن 8 مهينن ۾ 18 ڪلو وزن گهٽائي ورتو

ميلبرن (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آسٽريليا ڄائي هالي ووڊ اداڪارا ۽ ڪاميڊين ريبل ولسن رڳو پنجن سولن طريقن تي عمل ڪري 18 ڪلو گرام وزن گهٽائي ورتو. ريبل ولسن 8 مهينن ۾ وزن گهٽايو ۽ هو اڃان به وڌيڪ وزن گهٽائڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي. هن جنوري ۾ لائيف اسٽائل ۾ تبديلي آڻيندڙ وزن گهٽائڻ جو اعلان ڪيو هو. هن مداحن کي ٻڌايو هو ته منهنجي لاءِ سال 2020 صحت جو سال آهي. هن اهو پڻ چيو هو ته ڪيريئر تبديل ڪرڻ لاءِ وزن گهٽائي رهي آهي.

Bookmark the permalink.