تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

پي سي بي رانديگرن جي حمايت لاءِ سپر فينز مهم شروع ڪري ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) رانديگرن جي سپورٽ ۽ حوصلا افزائي لاءِ سپر فينز مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪوورنا وائرس جتي سموري دنيا کي گهرن تائين محدود ڪيو آهي، اُتي ڪرڪيٽ فينز به اڃا تائين گهرن ۾ ويهي ڪرڪيٽرن جي سپورٽ ڪري رهيا آهن. پاڪستنا ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ ۾ موجود آهي، جتي هو انگلش ٽيم خلاف ٽيسٽ ميچ کيڏي رهي آهي. فينز مختلف انداز ۾ اسٽيڊيم جو رخ ڪندا آهن ۽ ڪڏهن فينز ڊبل ڊيڪر بس ۾ شهر جو ائين چڪر لڳائيندا آهن ته لنڊن جا روڊ لاهور جي گهٽين ۽ مانچسٽرن جا روڊ ڪراچي جا منظر پيش ڪندا آهن، پر هن ڀيري اهڙو ڪجهه ناهي ٿيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽرن جي سپورٽ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جا مداح مختلف ٽوئيٽ ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.