تازا ترين
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

پي آءِ اي جي غفلت معافي جوڳي ناهي، اها متاثر ڪٽنبن لاءِ ڀوائتو خواب آهي: ماهرا

ماهراجهاز حادثي ۾فوت ٿيلن جي گهرڀاتين سان اڻ وڻندڙرويواختيارڪرڻ تي ڪاوڙجواظهار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز انتظاميا طرفان گذريل مهيني جهاز حادثي ۾ فوت ٿيلن جي متاثر ڪٽنبن سان اڻ وڻندڙ رويو اختيار ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پونئرن لاءِ اهڙا رويا سموري عمر لاءِ ڀوائتي خواب جيان آهن. ماهرا خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بدقسمت جهاز حادثي ۾ مارجي ويل ڪراچي واسي جي گهرڀاتين جي ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪندي پي آءِ اي انتظاميا جي غفلت ۽ رويي تي افسوس جو اظهار ڪيو. ماهرا خان پي آءِ اي انتظاميا کي ٽوئيٽ ۾ مينشن ڪندي لکيو ته قومي ايئر لائن انتظاميا جي غفلت ۽ غلطي معافي جوڳي ناهي. اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪميل پولاني جو ٽوئيٽ شيئر ڪيو، جنهن انڪشاف ڪيو ته جهاز حادثي ۾ مارجي ويل سندس ڀاءُ زين پولاني جي هڪ ٻار جي لاش کي پي آءِ اي انتظاميا ڪنهن ٻئي ڪٽنب حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڪميل پولاني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته حادثي ۾ مارجي ويل زين پولاني جي ٻن ٻارن جي تدفين ڪئي وئي، گڏوگڏ هن انڪشاف ڪيو ته زين پولاني جي هڪ ٻار جي لاش کي پي آءِ اي انتظاميا ڪنهن ٻئي ڪٽنب حوالي ڪري ڇڏيو هو جنهن جي 11 ڏينهن اڳ هنن تدفين به ڪري ڇڏي. اداڪارا ماهرا خان به ٽوئيٽ کي شيئر ڪندي پي آءِ اي انتظاميا جي غفلت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ اهڙي غلطي کي متاثر ڪٽنبن لاءِ ڀوائتو خواب قرار ڏنو.

Bookmark the permalink.