تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

پي آءِ اي جهاز حادثي تي ڀارتي فنڪار به ڏکويل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيل پي آءِ اي جهاز جي افسوسناڪ حادثي تي ڀارتي فنڪار ڏک جو اظهار ڪندي ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪيا آهن بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار انوپم کير پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ ۾ چيو آهي ته پي آءِ اي جهاز حادثو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي انوپم کير جهاز حادثي ۾ پنهنجن پيارن کي وڃائيندڙ گهراڻن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته خدا کين صبر عطا ڪري هن زخمين لاءِ صحتيابي جي به دعا ڪئي هوڏانهن ڀارتي فلم اسٽار انيل ڪپور به ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مارجي ويلن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين لاءِ صحتيابي جي دعا ڪئي ڳائڻي ارمان ملڪ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مان ڪراچي ۾ جهاز حادثي بابت ٻڌو ته خبر ناهي ته مان افسوسناڪ واقعي تي ڇا چوان بس ايترو چوندس ته هن حادثي ۾ مارجي ويلن جي روحن کي سڪون ملي هن چيو ته مونکي خبر ناهي ته سال 2020ع اسان کي وڌيڪ ڪهڙن واقعن جي ور چاڙهيندو هوڏانهن ڀارتي ڳائڻي گرو رانڌاوا، سونم ڪپور ثانيا مرزا جاويد اختر ۽ ٻين پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي

Bookmark the permalink.