تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

پي آءِ اي جهاز حادثو: شوبز فنڪارن پاران ڏک جو اظهار سال 2020ع هيانءُ ڏاريندڙ قرار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) گذريل ڏينهن لاهور کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام سان پيش ايندڙ المناڪ حادثي تي پاڪستاني فنڪارن افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجا پيغام جاري ڪري ڇڏيا آهن مائڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ جڳ مشهور اداڪارا ماهرا خان چيو ته منهنجون دعائون انهن سڀني سان گڏ آهن جيڪي هن جهاز ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو هن وقت زخمي آهن همايون سعيد پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ ڪراچي فضائي حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته الله تعاليٰ هن المناڪ واقعي ۾ مارجي ويل ماڻهن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ انهن جي گهروارن کي صبر ڏئي آمين هن پنهنجي پيغام ۾ جهاز حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي صحتيابي جي به دعا ڪئي پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ ڳائڻي علي ظفر پنهنجي پيغام ۾ 2020ع کي هڪ هيان ڏاريندڙ سال قرار ڏيندي چيو ته پي آءِ اي جهاز حادثو هن سال جي هڪ ٻي المناڪ خبر آهي علي ظفر پنهنجي پيغام ۾ جهاز حادثي ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ دعا به ڪئي مشهور اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويلن لاءِ دعا ڪندي چيو ته هي اسان سڀني لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ خبر آهي ماورا حسين پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ مرحومن لاءِ دعا ڪندي چيو ته هي هڪ المناڪ خبر آهي الله اسان سڀني تي رحم ڪري مشهور ڳائڻي فرحان سعيد به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مرحومن جي غفرت لاءِ دعا ڪئي پاڪستان جي مشهور اداڪارا صبا قمر به انسٽاگرام تي پي آءِ جهاز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو

Bookmark the permalink.