تازا ترين
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سڪينا سمون جي فلم هارلم ميلي ۾ ڏيکاري ويندي

15هون هارلم فلم فيسٽيول نيو يارڪ ۾ 13 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا، هدايتڪارا ۽ پروڊيوسر سڪينه سمون جي فيچر فلم انتظار کي ايندڙ هفتي آمريڪا ۾ ٿيل هارلم انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪئي ويندي. هلندڙ مهيني 10 کان 13 سيپٽمبر وچ ۾ آمريڪي رياست نيو يارڪ ۾ 15هون هارلم انٽرنيشنل فلم فيسٽيول منعقد ٿيندو جنهن ۾ دنيا جي 25 ملڪن جون 94 فلمون پيش ڪيون وينديون. هارلم انٽرنيشنل فلم فيسٽيول هلندڙ سال مئي ۾ رٿيل هو پر ڪورونا وبا سبب هن کي سيپٽمبر ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي. فيسٽيول ۾ مجموعي طور تي 94 فلمون ۽ ويب سيريز سميت ميوزڪ وڊيوز پيش ڪيون وينديون جن مان 47 فيچر فلمون آهن ۽ انهن ۾ پاڪستاني فلم انتظار به شامل آهي. انتظار اداڪارا سڪينه سمون جي هدايتڪار ۽ پروڊيوسر طور پهرين فلم آهي جنهن جي پهرين ٽيزر ٽريلر کي هلندڙ سال فيبروري جڏهن ته ٻئي کي جولاءِ ۾ جاري ڪيو ويو هو. اداڪارا سڪينه سمون پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فلم انتظار جو پوسٽر شيئر ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس فلم کي آمريڪا ۾ رٿيل هارلم فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويندو. انتظار جي ڪهاڻي خاندان جي مجبورين جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ۾ پوڙها والدين مرڻ ڪنڌيءَ تي پنهنجي ٻارن جو انتظار ڪن ٿا ۽ موت جي ڊپ هيٺ زندگي گذارين ٿا. فلم ۾ رشتن جي اهميت ۽ نئين نسل طرفان پيرسن ماڻهن ۽ خاص طور تي والدين کي بهلائڻ ۽ والدين طرفان ٻارن جو انتظار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ ثمينه احمد، ڪيف غزنوي، عدنان جعفر، رضا علي عابد ۽ خالد احمد شامل آهن جڏهن ته هن جي ڪهاڻي ڊر سي جاتي هي سله جهڙا ڊراما لکندڙ بي گل لکي آهي. خيال ڪيو پيو وڇي ته فلم کي هارلم فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رليز ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.