تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پيار ڪي صدقي ۽ عشقيه کانپوءِ ڊرامي جلن تي به پابندي

عوامي شڪايتن تي ڊرامي تي پابندي لڳائي وئي: پيمرا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارتي ڊرامي جلن تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن پيمرا جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل پريس رليز موجب پيمرا نجي چينل جي ڊرامي جلن جي نشريات تي فوري طور تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڄاڻايل ڊرامي ۾ سماجي ۽ مذهبي قدرن جي ابتڙ مواد نشر ڪرڻ تي شديد عوامي رد عمل ۽ شڪايتون ملي رهيون هيون. چينل طرفان ڊرامي جي اسڪرپٽ ۾ جوڳي تبديلي نه ٿيڻ تي ڪارروائي ڪندي پيمرا آرڊيننس جي سيڪشن 27 تحت ڄاڻايل ڊرامو نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.