تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

پنهنجن جون چٺيون

هي ملڪ آخر ڪير پيو هلائي؟
پاڪستان ۽ پاڪستان جي 4 صوبن جي صورتحال لڳ ڀڳ ساڳي آھي، اوهان پاڪستان جي ڪنهن به شھر، ڳوٺ، وستي يا واهڻ ۾ وڃو، اتي اوهان کي ڪٿي به حڪومت يا حڪومتي رٽ نظر نه ايندي. هر سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن يا وري بازارن ۾ جتي ڪٿي اوهان کي ڇڙواڳي نظر ايندي، هر هنڌ ڏاڍو سو گابو مثل نظر ايندو، پوليس جنهن جو ڪم امن امان برقرار رکڻ، ڏوهن تي ظابطو آڻڻ، شهرين جي حفاظت ڪرڻ ۽ سرڪار جي رٽ برقرار رکڻ هوندو آھي، اها هر علائقي جي وڏيري، پير، مير، بااثر، دولتمند جي ساٿاري بڻيل آھي. سرڪاري ادارن ۾ به هر ناجائز ڪم انهن جا ٿين ٿا جيڪي پئسا رشوت طور ڏين ٿا، باقي جن جا جائز ڪم آھن ۽ اهي جيڪڏهن ڪم سان گڏ رشوت نٿا ڏين ته انهن جا ڪم بلڪل ٽڪو به نٿا ٿين، هر اداري ۾ رشوت جي هڪ چين ٺھيل آھي، جيڪا پٽيوالي کان وٺي ان اداري جي وڏي آفيسر تائين ٺهيل آھي. هرهڪ کي پنهنجو پنهنجو حصو ملي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن کي حصو نه مليو ته اهو وري پنهنجي حصي جي صحيح نه ڪندو ۽ اها سڄي خبر پاڪستان جي هر حڪمران، سياستدان، سمورن وڏن ادارن کي به آھي، پر الائي ڇو اهي ڪهڙي سبب جي ڪري پنهنجا چپ سبيو ويٺا آھن ۽ ڪنهن به ڏوهاري ڪرپٽ کي سزا نه پئي ملي، جنهن ڪري انهن ملڪ دشمنن، رشوت خورن، ظالمن جا من وڌي ويا آهن. هر شھر ۾ روزانو غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻھن سان ڏاڍ ۽ ناجائزيون پياڪن پر اهي پئسا ڏئي پنهنجو پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪري سرعام گهمندا ٿا وتن. قانون نالي شيءِ صرف غريبن لاءِ ۽ ڪتابن تائين محدود آھي. ان صورتحال جي ڪري اسان جو ملڪ تباهي طرف وڃي رهيو آھي، ان ڪري مان پاڪستان جي همدرد ادارن کي مودباڻي گذارش ٿو ڪيان ته ملڪ مان اها انارڪي اها صورتحال ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن‏.
محمد خالد ميمڻ /ڦل شهر
*-*-*
سنڌ ۾ فورسز تي دھشتگرد حملا ۽ ايڪشن جي ضرورت!
سنڌ ۾ ڳچ وقت ماٺار بعد وري دهشتگرد واقعن مان سازش جي بوءِ اچي رهي آهي، ھونئن به سنڌ ۾ امن ڪڏهن به اطمينان جوڳو نه رھيو آهي، ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌ جي ٽن شھرن ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ گھوٽڪي ۾ رينجرز مٿان بم حملن جي نتيجي ۾ 2 قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪارن سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ احساس پروگرام سينٽر جي ڀرسان رينجرز جي گاڏيءَ کي نشانو بڻائڻ لاءِ دستي بم سان حملو ڪيو ويو، نتيجي ۾ هڪ شهري مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف گھوٽڪي جي گھوٽا مارڪيٽ ۾ رينجرز اھلڪار خريداري ڪري رھيا ھئا ته اوچتو بم ڌماڪو ٿيو، نتيجي ۾ 2 رينجرز جوان فياض احمد ۽ ظھور احمد ۽ واٽھڙو غلام مصطفيٰ شھيد ٿي ويا، لاڙڪاڻي ۾ رينجرز پبلڪ اسڪول جي چوڪي تي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، گھوٽڪي ۾ ڌماڪي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ لاءِ سکر کان ويندڙ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو ۽ نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر مينھان خان ابڙو فوت ٿي ويو ۽ ٻيا 6 اھلڪار زخمي ٿي پيا. سنڌ جيڪو پيار ۽ امن جي ڌرتي آهي، دھشتگرديءَ جي تازي لهر سبب امن پسند ماڻهن کي دلي صدمو رسيو آهي. دھشتگردي جو ڪو به مذهب ناهي. اسان جو پيارو پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن کان دھشتگردي سان مقابلو ڪري رھيو آھي، جنھن ۾ ھزارين معصوم ۽ انساني جانيون زيان ٿيون آهن. ان سڄي صورتحال دوران پوليس کاتي جي ڪارڪردگي ٻڙي رهي آهي. اسين پاڪ فوج جي سپھ سالار قمر جاويد باجوا، ڊي جي رينجرز ڪراچي ۽ آءَ جي سنڌ مان اميد رکون ٿا ته بنا دير تازي دھشتگردي ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي سھولت ڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين عبرت جو نشان بڻايو وڃي جيئن اھڙن واقعن کي ھميشه لاءِ روڪي سگهجي.
نورخان بکراڻي/ تنگواڻي
*-*-*
سنڌ ۾ بدامني ۽ اگھور ننڊ ستل انتظاميا!
سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ بدامني کي ٻنجو نه اچي سگهيو آهي، پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻون نه ڪيو آهي، ماڻهن ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي، سموري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اغوائن، ڦرن، چورين ۽ دڪانن کي کاٽ جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جنهن جي ڪري عوام انتظاميا جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي. پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي، سموري سنڌ ۾ ڪٿي به پوليس ڪا ڪارروائي ڪري ڪنهن مسڪين جي چوري واپس نه ڪرائي آهي، ڇا وقت جي حڪومت اسان کي اهو ٻڌائڻ پسند ڪندي ته پوليس کاتو ڇا جي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي؟ اسان جي خيال ۾ جتي به چوريون ٿين ٿيون انهن چون سان پوليس ٻٽ بڻيل هوندي آهي، جيڪڏهن پوليس کاتو صرف غريب کي مارڻ، وڏيرن، پيرن، ميرن جي اوطاقن جي مهمان ۽ چورن، ڦورن سان ٻٽ بڻجي مسڪين ماڻهن لاءِ موت جو پروانو ثابت ٿيڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي ته پوءِ ان کاتي جي سنڌ جي ماڻهن کي ڪا به ضرورت نه آهي. اسان جي سنڌ جي وڏي وزير سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل آهي ته پوليس کاتي تي نظرثاني ڪري يا ته پوليس کاتي کي بهتر بڻايو وڃي يا ان کاتي کي ئي ختم ڪيو وڃي، ڇو ته سنڌ جو امن مان پوليس جي هٿن مان نڪري ويو آهي، ٻيو اهو ته ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن ڪري ماڻهن جي زندگي معمول تي آندي وڃي، ڏوھن ۾ ملوث ڪرپٽ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام کي سک سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.
نصير حيدر ڇٽو/ محمد اسماعيل ڇٽو، وارھ 
مٺياڻي ۾ وڌندڙ ڪورونا جا ڪيس ۽ حڪومتي لاپرواهي!
ڪورونا وائرس جا هاڃا پوري دنيا سميت پاڪستان ۽ سنڌ ۾ به جاري آھن، جنهن جو چٽو ثبوت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ناهي، چين کان شروع ٿيل هي وائرس هاڻي ته ننڍڙن شھرن ۽ ڳوٺن تائين پڄي چڪو آھي، اڄ خبر پئي آھي ته يو بي ايل بئنڪ  مٺياڻي جي  سيڪيورٽي گارڊ کي ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو  آهي آغا خان اسپتال جي اهڙي رپورٽ اچڻ بعد يو بي ايل مئنيجر جعفر خان چانڊيو بئنڪ کي  سيل ڪري ڇڏيو آهي ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ سبب شهر ۾ ڪورونا ڦهلڻ جا امڪان تمام گهڻا وڌي ويا آهن ۽ عوام ۾ خوف جي لهر پڻ وڌي وئي آھي. هتي ته صحت جون سهولتون به اڻپوريون آھن ۽ عوام ڏهاڙيدار آھي. عوام ڊي سي نوشهرو فيروز کي اپيل ڪئي آھي ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي. نه ته هتي ماسڪ جو استعمال نظر ٿو اچي، نه ئي سماجي وٿي جهڙي ڪا شيءِ نظر ٿي اچي. اڄ تائين 8 ڪيس ظاهر ٿيڻ جون رپورٽون آيون آھن، جيڪڏهن اڃا به بي احتياطي رهي ته ڪيسن ۾ اضافو ٿيندو نظر اچي رهيو آھي. شهر جي اڪثر هوٽلن ۽ دڪانن تي رش نظر اچي ٿي پر ضلعي نوشهرو فيروز جي آفيسرن جي ڪنن تي جوءِ به نٿي سُري، جنهن سبب شهر ۾ ڪورونا ڦهلجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. مٺياڻي شهر ۽ هتان جي سڄاڻ ڌرين وزير اعليٰ سنڌ، ڊي سي نوشهرو فيروز کان گهر ڪئي آھي ته فوري طور ايس او پيز تي عمل ڪرائي وڌيڪ ڪورونا جي پکيڙ تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. عوام کي گذارش آھي ته حڪومت جي ڏنل ايس او پيز تي عمل ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچڙن کي هن وبا کان بچائڻ لاءِ احتياط کان ڪم ورتو وڃي.
ارشاد مشوري/ مٺياڻي
صحافي ۽ بهترين دوست جي موڪلاڻي!
صحافتي کيتر ۾ شھرت جي بلندين تي پهتل سائين علي محمد شاھ لڪياري جي بيوقتائتي وڇوڙي تي مون کي سندس هڪ اهم ساروڻي ياد آئي، شھيد بشير خان جي سڪرنڊ ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڌرڻو رٿيل هو، جنهن ۾ مون سميت مختلف شھرن جا صحافي به پهتا هئا، احتجاج ۾ اڃا دير هئي، سائين علي محمد شاھ لڪياري نوابشاھ جو سينيئر صحافي اياز ڏاهري مان ۽ 2 ٻيا صحافي دوست گرمي سبب سڪرنڊ جي هڪ هوٽل تي ٿڌا مشروب پي رهيا هئاسين ته سائين کي اوچتو ڪال آئي ته ڪارڪن سڪرنڊ باءِ پاس وٽ قومي شاهراھ کي بلاڪ ڪيو آھي، سائين فون بند ڪري جلدي چيو ته اٿو گاڏي ڪڍو ڌرڻو لڳو آ. اياز ڏاهري پنهنجي ڪار ۾ اڳيان ڊرائيونگ سيٽ سنڀالي، سائين علي محمد شاھ ساڻس اڳيان ويٺو مان ۽ 2 ٻيا صحافي ان ڪار جي پوئين سيٽ تي ويٺاسين، اسان جي ڪار جيئن شھر مان نڪري قومي شاهراھ تي ڌرڻي جي ويجهو پهتي ته ڪار کي ايندي ڏسي 10، 15 ڏنڊا بردار جذباتي ڪارڪن ڊوڙندا آيا. جن ڪار جي ويجهو پهچي سامهون سائين کي سڃاڻي هڪ ٻئي کي چيو هي ته سائين آهي، پوءِ پري کان ٻانهون ٻڌي سائين واري دروازي جي ويجهو اچي کيس چيو سائين معاف ڪجو، سائين علي محمد شاھ ڌرتي سان اٿاھ الفتن جي ڏوھ ۾ ڪيترائي ڀيرا عقوبت خانن ۾ سختيون سهڻ توڙي جيل ڀوڳڻ بعد به سيد ۽ سنڌ سندس محبتن جو محور رهي. تاريخ ۾ هن جون قومي، ادبي، ثقافتي ۽ صحافتي خدمتون ياد رکيون وينديون. سندس بيوقتائتي وڇوڙي سان پيدا ٿيل خال ڀرجڻ ۾ ورهيه لڳندا. هو صحافتي کيتر ۾ مجبورن، مظلومن ۽ محڪومن جي مدد جو اهو مضبوط مورچو هو جنهن کان سهاري جا منتظر ماڻھو اڄ محروم ٿي ويا آھن. اسين پنهنجي صحافتي سفر جي سينيئر ساٿي جي مغفرت لاءِ ٻاجهاري ڌڻي در دعاڳو آھيون.
اختر آزاد ڏاهري/شاهپور جهانيان
سنڌي شاعري ۽
ان جون صنفون!‎
سنڌي شاعري جي صنفن بابت ڪيترن اديبن پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي سان ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، ڊاڪٽر نبي بخش کان وٺي ظفر عباسي تائين جنهن ۾ انهن شاعري جي صنفن بابت ڄاڻ ڏني آهي، هنئير به ڪافي دوست مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪري رھيا آهن، هر صنف جي پنهنجي هڪ سڃاڻپ آهي، انهيءَ جو فن اسلوب پنهنجو پنهنجو آهي، هڪ شاعر کي اگر ڏات آهي ته انهيءَ کي شاعري جي صنفن ۽ انهي جي فن بابت سکڻو ٿو پوي، ڪتابن مان ته معلومات ملي ٿي پر انهي لاءِ ڪو ڄاڻو استاد به ھجڻ لازمي آهي جنهن کان هو شاعري جون سڀئي رمزون سکن ته جئين پنهنجي ڏات ۾ نکار آڻي سگهن پر هتي ته ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي اهڙا ته دوست شاعر مشهور ٿيا آهن جو کين ڪا ڄاڻ ئي ناهي، ڪنهن شيءِ جو سکڻ ضروري آهي، انهيءَ ۾ شرم ڪهڙي ڳالھ جو، چوندا آهن ته سکڻا نه منجهڻا، سو دوست ڪھڙي به فيلڊ ۾ هجو پر پهرين سکو، پوءِ اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو نه ته ڪڏهن نه ڪڏھن ڪٿي به اوهان ظاهر ٿي پوندا، لڪي ڪو نه سگهندا، تنهن ڪري پنهنجو مطالعو وسيع ڪيو ڪتابن جو قرب حاصل ڪيو ته جئين پنهنجي ٻولي کي نوان ڪي گهٽ گهيڙ ملي سگهن.
ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپورميرس
انٽر تائين ٻارن کي
موبائيل کان پري رکو‎!
ھن جديد دور ۾ انسانذات جي سھولت ۽ ڀلائي لاءِ سائنس تيزيءَ سان اڻ ڳڻين ايجادن سان ترقي جا ڏاڪا طئي ڪري رهي آهي، سائنس جي ايجادن مان هڪ موبائيل فون به آهي، ان جي فائدن کان ڪوبه فرد انڪار نٿو ڪري سگهي پر اتي اڪثر اھو به ڏٺو ويو آهي ته اسڪولي ٻار جيڪي معصوم ھوندا آھن ان جي افاديت کان بيخبر ٿي ڪڏهن فاريڪس ٽريڊ ته ڪڏهن فيس بوڪ ته ڪڏهن يوٽيوب تي ويھي نه فقط پنهنجو قيمتي وقت زيان ٿا ڪن پر پنهنجي مستقبل کي به داع تي لڳائين. ٻار کي ڪھڙي ڄاڻ ته وقت جي اھميت ڇا ھوندي آهي؟ وقت جي دولت کي ائين زيان ڪرڻ معنيٰ اونداهي مستقبل کي دعوت ڏيڻ برابر آھي، ٻارن جي ته فطرت ئي آزادي آهي پر انهن کي ڇوٽ نه پر مٿن عقابي نظر رکي سندن مستقبل کي بچايو وڃي. سنڌ جي قديم چوڻ آهي ته “وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي، مال ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.” شيڪسپئر چيو ته ڪا به شئي سٺي خراب ناهي، اھا انساني سوچ آهي، ٻار ان ننڍڙي ٻوٽي جيان ھوندا آهن جن جي سار سنڀار ڪبي ته ھڪ ڏينهن اھي وڏا ٿي ميوو ڏيندا، ڪنهن مجبوري ۽ غير معمولي حالتن ۾ جتي موبائيل ٻار لاءِ مفيد ثابت ٿئي مثال طور جئين ھن ڪورونا وائرس ڪري تعليمي ادارا ۽ ٽيوشن سينٽرز بند آھن، انهن حالتن ۾ آن لائين ڪلاسن وٺڻ لاءِ ٻارن کي محدود وقت لاءِ موبائيل وٺي ڏيڻ لاڀائتو ثابت ٿيندو، بس ان وٽ رابطي لاءِ موبائل ڀلي هجي، تنهنڪري آءُ والدين کي التجا ٿو ڪريان ته ٻار موتي جي داڻا آھن، انهن کي انٽر تائين موبائيل فونن کان پري رکو جئين اھي فقط  پنهنجي پڙھائي تي ڌيان ڏئي قيمتي وقت بچائي پاڻ کي ان جي ناڪاري اثرن کان پري رکي سگهن.
ارشاد حسين طاھر/ تنگواني
يوسي ڊرگھه بالا جا ڪرپٽ ملازم ۽ تباهه آفيس!
دادو جي 15 هزار آبادي ۽ 25 ڳوٺن تي ٻڌل ڪاڇي جي تاريخي شهر ڊرگھ بالا جي يوسي آفيس جيڪا انتظامي نااهلي سبب گذريل 15 ورهين کان عاليشان بلڊنگ هئي هاڻي تباهه ٿي وئي آهي، عمارت کنڊر جو ڏيک ڏئي رهي آهي، جتي هڪ سيڪريٽري سميت 10 جي لڳ ڀڳ ٻاهرين ضلعن ۽ شھرن جا ملازم به مقرر ٿيل آهن پر ڊيوٽي تي ڪڏھن ناهن ڏٺا ويا جيڪي  سيڪريٽري کي ماهوار رشوت ڏئي سرڪاري خزاني مان هزارين رپيا پگهارون به کڻي رهيا آهن. تباهه آفيس جو 5 لکن جي ماليت جو فرنيچر ملازمن جي غير حاضري ۾ سيڪريٽري صاحب شهر جي سرڪاري ملازمن ۽ خاص دستن کي تحفي طور ڏئي ڇڏيو آهي، سيڪريٽري جيڪو سنڌ سرڪار جي چونڊيل نمائندي پ پ ايم پي اي جو خاص ماڻھو هجڻ سبب پاڻ به ڊيوٽي ڪرڻ کان آجو آهي، سندن سڄو رڪارڊ تعلقي جوهي ۾ ذاتي رهائشگاهه تي رکرائي ڇڏيو اٿس. نااهل ۽ ڪرپٽ سيڪريٽري آفيس جي عمارت ۾ ويهڻ بجاءِ ڪاغذ ٺاهڻ جي آڙ ۾ غريبن کان ڦرلٽ ڪندو رهي ٿو، ڏينهن جا ڏينهن غريب ماڻھو سيڪريٽري جي پويان سرٽيفيڪٽ لاءِ رلندا رهن ٿا، يوسي جي لکين رپين جي بجيٽ مان هڪ ٽڪو به علائقي تي سالن کان خرچ ناهي ڪيو ويو. ملندڙ بجيٽ جنهن ۾ سولر پليٽون، پکا ۽ ٻي رقم جوهي تعلقي جي شهري ۽ سياسي ماڻھن ۽ ڪاڇي جي بااثر ماڻھن کي ڏني وڃي ٿي، يوسي جو عوام آفيس جي ماليڪ نه هئڻ سبب دربدر آهي، جنهن لاءِ عوام ڪيترائي ڀيرا دانهيو به آهي پر ڪوبه عمل ناهي ٿي سگهيو. ڊرگھ بالا جي تباهه حال آفيس ۽ ڪرپٽ ملازمن جي نيب چيئرمين، اينٽي ڪرپشن چيئرمين سنڌ سيشن جج دادو ۽ ٻين وس وارن عملدارن کي گذارش ٿي ڪجي ته جاچ ڪري تباهه حال آفيس جي مرمت ڪرائي سيڪريٽري سميت ٻين عوام دشمن ملازمن کي فارغ ڪيو وڃي.
محمد اسماعيل لانگاهه/ ڊرگھه بالا، ڪاڇو 
اڄ جا شاعر ۽ نيون صنفون!
سنڌي ادب ۽ شاعري جي تاريخ ڪيترين صدين تي مشتمل آهي، ان جون ڪيتريون ئي صنفون آهن. اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو بحث پيو ھلي، ڏک اھو ناهي ته شاعري مان يا ادب مان ڪير ڪيترو ڄاڻي ٿو ۽ ڪير نٿو ڄاڻي، انھيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان مان ڪيترائي شاعر اڻ پڙھيل آهن. ٻين کان شاعري درست ڪرائين ۽ لکرائين ٿا پر ان جو اھو به مقصد ناهي ته صنف جي به خبر نه پوي، بحر وزن پري جي ڳالھ آھي، گھٽ ۾ گھٽ صنف جي ڄاڻ ته بنيادي آھي. سامهون نظم جي صورت ۾ جيڪا شيءِ اچي انهيءَ کي صنف طور نه سمجهي سگهجي ته پوءِ شاعر ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ھيءَ دنيا جيڪا ھڪ ڳوٺ ۽ شھر مثل ٿي وئي آهي، ھڪ منٽ ۾ پوري دنيا ڏسي سگهجي ٿي، ٽي وي چينل تي جيڪو ڪجهه پيش ٿئي ٿو اھو پوري دنيا ڏسي ٿي. انهن وٽ ڪھڙو پيغام ويندو ته اسان ادب مان اھو ٿا ڄاڻون؟ خدارا جيڪڏهن اھو ڀوڳ ھو ته پوءِ ڇا چئجي ڏوھ ڪنهن تي ڏجي؟ غلطي انسان کان ٿيندي آهي ۽ غلطي بار بار به نه ٿيڻ کپي.
امر کتري/ٽنڊو باگو
جنگشاهيءَ ۾ پاڻيءَ
جو مسئلو حل ڪريو!
جنگشاھي جي آسپاس جا ڳوٺاڻا صدين کان سورن جا سٽيل آھن، ھتي جي ماڻھن جي ڪو به سار لھڻ وارو نه آھي، ھر دور ۾ کين نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، چڏھن اليڪشن جو دور ايندو آھي ته اليڪشني وڏيرا اوچتو ظاھر ٿيندا آھن ۽ انھن جا ڇاڙتا ووٽ وٺڻ لاءِ سرگرم ٿي ويندا آھن جيڪي ماڻھن کي ڪوڙا ڏٽا ڏئي ۽ سندن ڪو به مسئلو حل ناهن ڪندا، ماڻھو ويچارا سندن اوطاقن جا چڪر ڪٽي ڪٽي جتيون گسائيندي وقت گذاريو ڇڏين. ڇا اسين اوھان کي ووٽ انھي ڪري ٿا ڏيون ته اوھين پنھنجا گھر ڀريو؟ ياد رکو اوھان کي ووٽ انھي لاءِ ڏنا وڃن ٿا ته توھين اتي جي ماڻھن جي خدمت ڪريو ۽ ماڻھن جا جائز مسئلا حل ڪريو. ھاڻي اوھين جيڪي ايوانن تائين پھچو ٿا انھن تي ووٽ ڏيندڙن جا جيڪي حق آھن انھن کي پورو ڪرڻون آھي، اھو اوھان جي فرضن ۾ شامل آهي، ان لاءِ پھرين انسانن جي تمام اھم مسئلن تي ڌيان ڏيو، جيڪي جياپي لاءِ تمام اھم آھن. آءُ سمجھان ٿو ته پاڻي انسانن جي جياپي لاءِ تمام اھم آھي، ان ڪري جن ڳوٺن ۾ پاڻي لاءِ ڪو به بندوبست ناھي اھو بنادير مسئلو حل ڪيو وڃي، ھن وقت جنگشاھي جي آسپاس جون ڪيتريون مائرون، ڀينرون پاڻيءَ جي ڍڪ لاءِ گرمي ۾ مٿي تي مٽ ۽ بالٽيون رکي ريلون ۽ رستا لتاڙي پاڻي ڀرڻ لاءِ واٽر سپلاءِ تي وڃن ٿيون، جيڪا افسوس جي ڳالھ آھي. ٻيا غير ضروري ڪم ڪيا وڃن ٿا پر پاڻيءَ جي مسئلي تي ڇو نٿو سوچيو وڃي؟
ليمان خان جوکيو/ جنگشاھي
عوام احتياط ڪري!
هن وقت ڪورونا هر هند ڪاهه ڪيون بيٺي آهي، ان جو اهو ئي سبب آهي ته اسان ان کي تسليم نٿا ڪيون، هن کي مذاق ٿا سمجهون پر ائين ناهي، هيءَ هڪ خطرناڪ وچڙندڙ وبا آهي، جيڪا ڪنهن سپر پاور ملڪ کي به نٿي ڏسي، توهان نظر ڪيو آمريڪا جي جيڪو پوري دنيا جي ملڪن جو بادشاهه آهي پر ڪورونا اڳيان مجبور ٿي ويو آهي ۽ اتي هزارين ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ مرن ٿا، تڏهن وايون بتال اٿس، ڪو وس نه هليس آخر هن پنهنجي عوام کي هدايتون ڪيون ته احتياط ڪيو، تڏهن وڃي ڪجھه سڪون ٿيو پر اڃا حالتون خراب آهن. ان کان اڳ جي ڳالهه آهي ته چين جي ڪهڙي حالت هئي، جتان ڪورونا جنم ورتو هو پر اتي اڄ ان جو بلڪل صفايو ٿي چڪو آهي، اها سندس ملڪي حڪمرانن ۽ عوام جي محنت آهي، چيني حڪمرانن صرف اهو اعلان ڪيو ته مهرباني ڪري احتياط ڪريو ۽ عوام يڪدم ڳالهه مڃيندي گهرن تائين محدود ٿيو ۽ ان جو صلو ملين، ٻئي طرف اسان کي گهرجي ته اسان ڏسون دنيا جي اهم  ملڪن جي هيءَ حالت آهي، جيتوڻيڪ هنن وٽ ملڪي معشيت به مضبوط آهي، طاقتور ملڪ آهن پر حالت تمام خراب اٿن، اسان کي انهن کان سکڻ کپي، وبا جي ڪري پاڪستان جون اهم شخصيتون به قابو ٿي ويون آهن، جن مان ڪي جهان به ڇڏي ويا آهن. مان اوهان کي هٿ ٻڌي عرض ڪيان ته پنهنجي اولاد، پيءُ ماءُ جو قدر ڪندي وڌ کان احتياط ڪريو، رش وارين جڳهن ڏانهن نه وڃو، ڪنهن سان هٿ نه ملايو.
محرم علي شر/ هنڱورنو
آخرتعليمي ادارا بند ڇو؟‎
ڪورونا وائرس جيڪو چين جي ووهان شهر کان شروع ٿي آهستي آهستي پوري دنيا تي ڪنٽرول ڪري ويو آهي، ڪورونا سپر پاور آمريڪا کان وٺي جرمني، پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، آسٽريليا ۽ جاپان سميت مختلف ملڪن تي ڇائنجي وئو آهي، جڏهن ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن به ان وائرس سامهون پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. اڃا تائين ان وائرس جو ڪو به علاج سامهون ناهي آيو بس احتياط سان ئي پاڻ کي بچائي سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ پوڻا 2 لک ڪورونا جا ڪيس ٿي ويا آهن، جيڪا ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي، پاڪستان حڪومت طرفان ڪيل لاڪ ڊائون به ڪجھ ڪونه ڪري سگهيو، هڪ غربت ٻيو مھانگائي سبب عوام گھڻو پريشان آهي، حڪومت طرفان ڏسيل احتياط تدبيرن ته به صحيح نموني عمل نٿو ٿئي، پاڪستان ۾ هن وقت ڪاروبار کان وٺي ٽرانسپورٽ به کلي ويو آهي، صرف تعليمي ادارا بند آهن، جيڪڏهن تعليمي ادارا بعد رهندا ته ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگھي، تعليم هر قوم جي ترقيءَ لاءِ جو اهم آھي، جڏهن اسان جي ملڪ ۾ تعليم سان ڪا دشمني آھي جو ٿورري گھڻي تي تعليم ادارا بند ڪيا ويندا آھن، دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ اھڙي ڏکئي مرحلي ۾ پنھنجا تعليمي ادارا بند ڪري ان جو ڪو متبادل رستو ڳوليو ويندو آهي، ھتي اسان وٽ صرف قانوني ڪارروائي موجب آن لائين ڪلاس شروع ڪرايا ويا آھن، پر غريب گھراڻن جي شاگردن کان ناهي پڇيو ويو ته ڪو انھن وٽ انٽرنيٽ جي ڪا سھولت آهي يا نه، بس تعليم جي ڳري لام جو پنهنجي ڪلهن تان وزن لاهي شاگردن جي ڪلهن تي لڏيو ويو آهي. منھنجي تعليم واري وزير، سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل آهي ته انٽرنيٽ جو سھولتون مھيا ڪري پوءِ آن لائين ڪلاس ورتا وڃن.
محمد ياسين درس/ کپرو، سانگھڙ

Bookmark the permalink.