تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

پنجاب ۾ سينما ۽ ٿيٽر کولڻ بابت ايس او پيز جاري

لاهور (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پنجاب ۾ سينما هالز ۽ ٿيٽر کولڻ بابت ايس او پيز جاري ڪيون ويون آهن. سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر پنجاب محمد عثمان سينما هالز ۽ ٿيٽر کولڻ بابت ايس او پيز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر محمد عثمان موجب ماسڪ پهرڻ کانسواءِ ماڻهن جي سينما ۽ ٿيٽر ۾ داخلا تي پابندي هوندي. سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر جي جاري ڪيل هدايت موجب ٿيٽر يا سينما هال ۾ 40 سيڪڙو ڪسٽمرز کي اچڻ جي اجازت ڏني ويندي. ان ڊور بند هالز بدران کليل اوپن ايئر ٿيٽرز کي ترجيح ڏني ويندي، پاڻ سڌي ريت ٽڪيٽ خريد ڪرڻ بدران آن لائين ٽڪيٽ خريد ڪئي ويندي. ڪنهن به تقريب جو وقت ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه رکيو وڃي، هر شو کانپوءِ سينما يا ٿيٽر کي ڊس انفيڪٽ ڪرڻ لازمي هوندو.

Bookmark the permalink.