تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

پرڏيهي فنڪارن کي ڪچرو چوڻ تي ياسر ۽ انوشي اشرف ۾ جهيڙو

ياس ٻن فنڪارن جي ارطغرل غازي جهڙا ڪپڙا پهريل تصوير انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز شخصيتن ۾ پرڏيهي ڊرامن ۽ خاص طور تي ارطغرل غازي کي پاڪستان ۾ نشر ڪرڻ جي معاملي تي بحث ۽ تڪرار جاري آهي جڏهن ته ڄاڻايل ترڪ ڊرامي کي پاڪستان ۾ نشر ڪيو پيو وڃي. ياسر حسين ڊرامو نشر ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري چڪو آهي ۽ اداڪارا ايسرا بليگچ کي پاڪستاني ڪمپنين جو برينڊ ايمبيسڊر مقرر ڪرڻ جي به مخالفت ڪري چڪو آهي. تازو اداڪار هڪ ڀيرو ٻيهر ترڪ فنڪار کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ياسر حسين انسٽاگرام اسٽوري ۾ ارطغرل غازي جي مک ڪردارن جو لباس پهري فوٽوشوٽ ڪرائيندڙ ٻن پاڪستاني نوجوانن جي تصوير شيئر ڪندي نالو وٺڻ کانسواءِ فنڪارن تيتنقيد ڪئي ۽ لکيو ته تصوير وارن کي ”هنن کان ڪير نه پڇندو، ڇو ته گهر جي مرغي دال برابر ۽ ٻاهر جو ڪچرو به مال برابر” هن پنهنجي اسٽوري ۾ ارطغرل غازي ڊرامي يا ان جي ڪردارن جو نالو نه ورتو. اهڙي اسٽري تي مٿس ڪيترن ئي ماڻهن تنقيد ڪئي جڏهن ته ماڊل انوشي اشرف ياسر حسين جي اسٽوري تي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. انوشي لکيو ته ڪير به ڪنهن جي لاءِ ڪچرو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن جو ڪم پسند ناهي گڏهن به ڪم ڪرڻ وارو ڪچرو ناهي. هن لکيو ته سڄي دنيا جي اداڪارن کي هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي، انوشي ياسر لاءِ لکيو ته هو پنهنجي جدوجهد کان واقف آهي ان لاءِ هو ارطغرل جي جدوجهد کي ڪچرو چوڻ کان پاسو ڪري. هن دليل ڏنو ته جيڪڏهن ارطغرل غازي ڪچرو آهي ته ماڻهو ان کي رد ڪري ڇڏيندا هو ٻيو مواد ڏسندا. هن چيو ته پاڪستاني فنڪار پرڏيهي فنڪارن جي لباس ۾ فوٽو شوٽ ڪرائين ٿا ته کين پرڏيهي ڊرامي جا ٿورا ادا ڪرڻ گهرجن. ياسر وري کيس ورندي ڏني ته هو پرسڪون آهي ڇو ته هن پنهنجي پوسٽ ۾ ارطغرل غازي کي مينشن ناهي ڪيو. ياسر وضاحت ڪئي ته ننڍپڻ کان جاپاني استري، ڀارتي ساڙهي ۽ آسٽريليا جي ڪٽلري کي سٺو سمجهندي اسان پنهنجي مال کي ڪچرو سمجهيو آهي. اسان کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن انوشي کي چيو ته اوهان سموري زندگي انگريزي ڳالهائي، انگريزي گانا هلايا پنهنجي شو ۾، اوهان کي سمجهائڻ ڏکيو آهي. ياسر لکيو ته انجواءِ ڪريو، پرسڪون رهو ۽ هر ڳالهه کي ارطغرل سان نه ڳنڍيو، پنهنجو خيال رکو، اسان اوهان جي عزت ڪريونٿا. آخر ۾ ياسر حسين هٿ ٻڌڻ وارو ايموجي به ٺاهيو.

Bookmark the permalink.