تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

پروڊيوسرز باصلاحيت فنڪار ڇڏي ٽڪ ٽاڪرز کي ترجيح پيا ڏين: سيمي راحيل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا سيمي راحيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ پروڊيوسرز باصلاحيت فنڪارن کي نظرانداز ڪري ٽڪ ٽاڪ جي اڻ تجربيڪار اداڪارن کي هٿي ڏئي رهيا آهن.سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي سيمي راحيل پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته پروڊيوسرز رڳو انهن اداڪارن جون خدمتون حاصل ڪري رهيا آهن جن ۾ اداڪاري جو ڪو تجربو ناهي. هن لکيو ته افسوس جي ڳالهه آهي جو پروڊيوسرز اداڪارن کي ته معاوضو ادا ڪرڻ کان لنوائين ٿا پر خوبصورت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هٿي ڏيڻ ۾ اڳڀرا آهن. هن چيو ته ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام ذريعي شهرت ماڻيندڙ ناريون ۽ ڇوڪرا رڳو شهرت لاءِ بي چين آهن، انهن ۾ اداڪاري جي ڪا صلاحيت ناهي.

Bookmark the permalink.