تازا ترين
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

پي آءِ ايس ايوارڊ جي تقريب دبئي ۾ ٿيندي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي پهرئين انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊز جي تقريب دبئي ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ماهرا خان، صبا قمر ۽ فواد خان سميت ٻيا اسٽارز شرڪت ڪندا. گلف نيوز موجب دبئي پاڪستان جي پهرئين انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊز جي ميزباني لاءِ تيار آهي. ايوارڊز جو اعلان تازو دبئي سان واسطو رکندڙ ايوارڊز تقريب جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر فيصل خان ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي کوٽ ناهي جنهن کي عالمي پليٽ فارم تي ڏيکارڻ گهرجي. فيصل خان وڌيڪ چيو ته تقريب دوران اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي ايوارڊن سان نوازيو ويندو. ايوارڊ جي تقريب ۾ ماهرا خان، فواد خان، صبا قمر، عائشه عمر، اشنا شاهه، حريم فاروق، ثروت گيلاني، عمران عباس، شهريار منور، جاويد شيخ، عمير جيسوال، جنيد خان، سارا لورين، ولاگر مورو، اسٽرينگز، فرحان سعيد، عروه ۽ ماورا حسين سميت ٻيا فنڪار جي شرڪت جو امڪان آهي. اداڪارا مهوش حيات شوٽنگ سبب ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت نه ڪندي. ايوارڊ تقريب ايندڙ سال 7 فيبروري تي منعقد ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.