تازا ترين
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*

پاڪستاني فنڪار رنگ گورو ڪندڙ شين جا مخالف، اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گوري رنگ ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي رنگ کي سندن ڪاميابي، سٺي شخصيت ۽ سٺي ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ اهم سمجهيو وڃي ٿو. ان لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رنگ گورو ڪندڙ ڪريمن جو ڪاروبار جاري آهي ۽ اهڙين ڪريمن جي مشهوري مهم تي به ڪروڙين رپيا خرچ ٿين ٿا. گورو رنگ ڪندڙ ڪريمن جون ڪمپنيون ڪوشش ڪن ٿيون ته هو مشهروي مهم لاءِ مشهور شخصيتن جون خدمتون حاصل ڪن جڏهن ته پاڪستان سميت ڀارت جون ڪجهه اهڙيون اداڪارائون به آهن جن وڏي معاوضي جي آڇ باوجود گوري رنگ جي ڪريمن وارن اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اهڙين پاڪستاني اداڪارائن ۾ عائشه عمر، ماهرا خان، صنم سعيد، حريم فاروق ۽ ڳائڻي مومنه مستحسن سميت ٻيون شامل آهن. اهو انڪشاف پاڻ ڄاڻايل اداڪارائن ۽ ڳائڻين ڪيو ۽ ٻڌايو ته هنن سٺي آڇ باوجود اهڙن اشتهارن ۾ ڪم نه ڪيو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب برطانوي خابرو اداري جي صحافي هارون رشيد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ماڻهن کان سوال ڪيو ته ڪير اهڙن پاڪستاني ۽ بالي ووڊ فنڪارن جا نالا ٻڌائي سگهي ٿو جن گوري رنگ ڪرڻ وارين ڪريمن جي اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هجي؟ سندس سوال تي ماڻهن تبصرا ڪيا جڏهن ته ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت ۽ رنبير ڪپور سميت ٻين اداڪارن به کيس ٻڌايو ته هنن اهڙن اشتهارن ۾ ڪم ناهي ڪيو. ٽوئيٽ تي پاڪستاني اداڪارائن به تبصرا ڪيا ۽ ٻڌايو ته هنن اشتهارن ۾ ڪم ناهي ڪيو. عائشه عمر لکيو ته اڳتي به اهڙن اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، ماهرا خان ٽوئيٽ شيئر ڪندي لکيو ته ان وقت اهڙن اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو جڏهن ريڊيو تي وي جي هيس. مومنه مستحسن ماهرا جو ٽوئيٽ شيئر ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهڙي ريت اسان سڀ ذميواري جو مظاهرو ڪريون ته ڄاڻايل انڊسٽري کي تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڪجهه ماڻهن فنڪارن جي اهڙي عمل جي واکاڻ ڪئي ته ڪجهه وري تنقيد به ڪئي. ماڻهن ماهرا کي هيئر رموور ڪريم جو اشتهار ڪرڻ تي تنقيد ڪئي.

Bookmark the permalink.