تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

پاڪستاني سپر ماڊل آمنه شيخ ٻي شادي ڪري ورتي؟

اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ مرد سان ورتل تصويرون شيئر ڪيون، ڪو به ڪيپشن نه لکيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ۽ سپر ماڊل آمنه شيخ جي حوالي سان ٻن ڏينهن کان اڳڪٿيون هيون ته هو ٻي شادي ڪري رهي آهي. اداڪارا جي ٻي شادي بابت ڳالهيون ان وقت شروع ٿيون جڏهن 8 آگسٽ تي اداڪارا انسٽاگرام تي پوسٽس ڪيون. اداڪارا جي هڪ تصوير ۾ کيس منڊيون پهريل هيون جنهن تي ڪيترين ئي شوبز شخصيتن کيس مبارڪون ڏنيون. پوسٽ مان واضح ناهي ته منڊيون ڇا جون آهن جڏهن ته ان باوجود شوبز شخصيتن اداڪارا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شوبز شخصيتن طرفان آمنه شيخ کي مبارڪون ڏيڻ کانپوءِ اهو خيال ڪيو ويو ته شايد اداڪارا نئين زندگي جي شروعات ڪري رهي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي سندس ٻي شادي جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون ان باوجود آمنه شيخ ڪا وضاحت جاري نه ڪئي ۽ گذريل ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر هن تصويرون ۽ پوسٽس شيئر ڪيون جنهن کانپوءِ ڪيترين ئي شوبز شخصيتن کيس ٻيهر مبارڪون ڏنيون. هن هڪ مرد سان گڏ خوش گوار موڊ ۾ اڇي لباس ۾ ورتل ٻه تصويرون شيئر ڪيون جڏهن ته هن تصويرن کي ڪو ڪيپشن نه ڏنو. اهڙين تصويرن کانپوءِ شوبز شخصيتن کي مبارڪون ڏنيون جڏهن ته ڪنهن به شوبز شخصيت واضح طور تي کيس شادي جي مبارڪ ناهي ڏني. اداڪارا تصويرن کي به ڪو ڪيپشن ناهي ڏنو. اهڙين پوسٽس کانپوءِ مداحن اندازو لڳايو ته هن ٻي شادي ڪري ورتي آهي. هيل تائين آمنه شيخ ٻي شادي بابت ڪا وضاحت ناهي ڪئي. گهڻو ڪري مداحن جو خيال آهي ته اداڪارا انڊسٽري کان ٻاهر ڪنهن شخص کي پنهنجو نئون ساٿي چونڊيو آهي ڇو ته جيڪڏهن هن شوبز ۾ شادي ڪئي هجي ها ته اداڪارا کي مبارڪ ڏيڻ واريون شوبز شخصيتون سندس مڙس کي به مبارڪون ڏين ٿا. خيال رهي ته آمنه شيخ پهرين شادي اداڪار ۽ فلم ساز محب مرزا سان 2005ع ۾ ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.