تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پاڪستاني اداڪاره عائزه خان پي آءِ اي جهاز ۾ سوار ٿيڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور: (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪاره عائزه خان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ان خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو پئي ويو ته پي آءِ اي جي جهاز حادثي ۾ هو به سوار هئي. سوشل ميڊيا جي مشهور ويب سائٽ انسٽاگرام تي پاڪستاني اداڪاره عائزه خان چيو آهي ته مان ۽ منهنجو مڙس دانش تيمور پنهنجي گهر ۾ آهيون ۽ محفوظ آهيون. هُن پي آءِ اي جي جهاز ۾ هجڻ وارين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته مهرباني ڪري ڪوڙيون خبرون نه هلايو الله پاڪ هدايت ڏئي اهڙن ماڻهن کي جيڪي هر ڳالهه جو مذاق بنائي ڇڏيندا آهن.

Bookmark the permalink.