تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

پاڪستاني اداڪارا آمنا ملڪ جو ٽيويهه ساله سئوٽ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو

لاهور(انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا آمنا ملڪ جو 23 ورهين جو سئوٽ ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويو آهي. آمنا ملڪ چيو آهي ته منهنجو سئوٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان وينٽي ليٽر تي رهيو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته جيڪو اسان سان ٿيو آهي ڪنهن ٻئي سان به ٿي سگهي ٿو ان ڪري پنهنجي گهرن ۾ رهو. احتياط ڪريو ۽ محفوظ رهو. آمنا ملڪ پاران ڄاڻايل پيغام سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هو لڙڪ لاڙيندي عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل ڪري رهي آهي. هن چيو ته هي ڏينهن ڪورونا وائرس جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ خطرناڪ ڏينهن آهن. 

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 ڊاڪٽرن سميت 96 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. 

ياد رهي ته پاڪستان ۾ هيل تائين ڪورونا  وائرس وگهي 1379 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته متاثر مريضن جو انگ به 65 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

Bookmark the permalink.