تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

پائليٽ جو ڪردار: فيروز ڪنگنا کي چانهه جي دعوت ڏئي ڇڏي!

ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت پنهنجي نئين فلم پائليٽ جو ڪردار نڀائيندي، پوسٽر جاري

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪار فيروز خان بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت تي تنقيد ڪندي کيس پاڪستان ۾ چانهه پيئڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنگنا رناوت سوشل ميڊيا تي پنهنجي نئين فلم تيجس جو پوسٽر شيئر ڪيو هو جنهن ۾ ڪنگنا رناوت هڪ جنگي جهاز سامهون پائلٽ جو يونيفارم پهري بيٺل آهي. هن پوسٽر کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته ڪنگنا هن فلم ۾ ڀارتي عورت پائلٽ جو ڪردار نڀائي رهي آهي جڏهن ته پاڪستاني هيل تائين ڀارت جي بزدل پائليٽ اڀي نندن کي نه وساري سگهيا آهن ۽ نه ئي ڀارت کي وسارڻ ڏيندا. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب اداڪار فيروز خان ڪنگنا رناوت جو پوسٽر ٻيهر شيئر ڪندي تنقيدي انداز ۾ کيس پاڪستان ۾ چانهه پيئڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته نئون جهاز؟ ڪڏهن اسان وٽ چانهه پيئڻ اچو. اداڪارا ڪنگنا رناوت پاڪستان خلاف اڪثر زهر اوڳاڇيندي نظر اچي ٿي ڪڏهن ڪڏهن ته سندس بيانن مان لڳي ٿو ته هو پاڪستان دشمني ۾ انتهاپسند هندن کان اڳتي به نڪري وئي آهي. فيروز خان ڪنگنا رناوت تي تنقيد ڪندي هن ٽوئيٽ ذريعي کيس ڀارت جي بزدل پائليٽ اڀي نندن جي ياد ڏياري آهي جيڪو شرمساري سان پاڪستاني چانهه جي واکاڻ ڪري ڀارت ويو هو. ياد رهي ته گذريل سال فيبروري ۾ ڀارتي فوج طرفان پاڪستاني حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي بالا ڪوٽ ۽ والاريل ڪشمير تي حملو ڪيو ويو هو جڏهن ته پاڪ فوج ڀارتين جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو هو ۽ ڀارتي پائليٽ اڀي نندن جو جهاز تباهه ڪري ڇڏيو هو ۽ پائليٽ پڪڙيو ويو هو.

Bookmark the permalink.