تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺهي ٿي، باقي آن لائن شاپنگ نٿي ڪري سگهجي؟ سبيڪا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهرو ماڊل سبيڪا امام عيد جي شاپنگ لاءِ بازارن ۾ احتياطي اپائن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سوال اٿاريو آهي ته عيد جا ڪپڙا آن لائن نٿا گهرائي سگهجن؟ سبيڪا امام لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني عوام جي غير ذميواراڻي رويي تي پنهنجا ويچار ونڊيا. ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته هن جديد دور ۾ هر هڪ وٽ اسمارٽ فون لازمي هوندي آهي جتي نيٽ ورڪ نٿو اچي اتان به ماڻهو ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهي وٺن ٿا. سبيڪا امام سوال ڪيو ته جڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ته ڇا عيد جي شاپنگ آن لائن نٿي ڪري سگهجي؟

Bookmark the permalink.