تازا ترين
  • آئين ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار ڪري بل پيش ڪيو ويو،حملا ٿيڻ باوجود موقف تي قائم آهيون: پ پ چيئرمين*نانا کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، منهنجي ماءُ ۽ مامن شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو: بلاول*برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا، بلوچستان ۾ به لکين ماڻهو بي گهر ۽ متاثر ٿيا: بلاول*
  • *ٽنڊي ڄام واسين سان نوري آباد ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، نوجوان زخمي *سوزڪي ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب عبدالڪريم مگسي ٿڏي تي فوت، ساجد مگسي زخمي *
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ۽ نوجوان وارو معاملو *عدالت ناري اسماءَ کي مڙس ارشاد مگسي سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي *مونگي وارثن سان خوف آهي، مونکي قتل ڪري ڇڏيندا: ناري جو عدالت ۾ بيان*
  • *ڪراچي: اي وي ايل سي جي ڪارروائي، موٽر سائيڪلز ڦر ڪندڙ گروهه گرفتار *جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل 5 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون: ايس ايس پي سرفراز نواز *جوابدارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن: ايس ايس پي*
  • *ڪراچي: ٻارڙي مروا قتل۽ زيادتي ڪيس، گرفتارجوابدارن جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا: ذريعا *ٻارڙي مروا جي ڪپڙن ۽ جوابدار فيضو جي گهر ۾ بيڊ جا سيمپلز ورتا ويا هئا: ذريعا *جوابدارن جا سيمپلز ميچ ٿي ويا، ٻئي جوابدار اڳ ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪا آهن *
  • *ڪراچي: سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن جي هڙتال سبب سائل سخت پريشاني جو شڪار *وڪيلن جي هڙتال سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿيون، نه ئي جوابدارن کي پيش ڪيو ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن جو واپڊا عملي جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڳوٺ باغات مالهي واسين واپڊا آفيس آڏو ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *واپڊا عملي بلن جي آخري تاريخ کان اڳ ئي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي: ڳوٺاڻا *بجلي ڪاٽڻ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائي وڃي: ڳوٺاڻا*
  • *لاهور: موٽروي تي عورت سان زيادتي وارو ڪيس، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي *جوابدار عابد جي گرفتاري لاءِ قصور ويجهو ڪارروائي، جوابدار فرار ٿي ويو *پوليس سرچ آپريشن دوران جوابدار جي 5 عزيزن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو*
  • *اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ڇڪتاڻ برقرار *لاڙڪاڻي ۾ پيراميڊيڪل جي احتجاج دوران اي ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا *احتجاجي ڪئمپ کي ڊاھڻ جي معاملي تان پيراميڊيڪل عملو مڇرجي پيو *اي ايم ايس گل شيخ ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻن وچ ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ويا *پيراميڊيڪل عملي او پي ڊيز، ليباريٽريز، سينٽرل اسٽور، سٽي، ايم آر آئي اسڪن مشين کي تالا ھڻي ڇڏيا *مريضن کي دوائڻ ڏيڻ لاءِ آيس ته پيراميڊيڪل عملي بدتميزي ڪئي: اي ايم ايس گل شيخ *
  • *ٺارو شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو بجلي جا ڳرا بل اچڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو *ڳوٺ موليڏنو لاڙڪ ۽ ڳوٺ يوسف چنڙ جي رھواسين ايس ڊي او سيپڪو خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو احتجاج ڪيو *ڳرا بل اچڻ ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب عذاب ۾ مبتلا آهيون: ڳوٺاڻا*
  • *گهوٽڪي: سبزي منڊي مان وڪيلن جي چيئمبر کي خالي ڪرائڻ وارو معاملو *سي ايم او گهوٽڪي جي فرياد تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر صدام چند سميت26وڪيلن مٿان ڪيس داخل *وڪيلن جي احتجاج سبب عدالتي ڪارونهوار نه هلي سگهيو*
  • *سُپريم ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي *جوابدارن جي عدم گرفتاري تي سنڌ پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ *پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي: عدالت *ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا آهن؟: عدالت جو سوال*
  • *ڪنب: نامعلوم ماڻهن پاران کڏ ۾ مبينا زهر وجهڻ سبب ڳوٺاڻن جي مڇي مري وئي *غريب آباد ڪالوني ڀرسان مڇي مرڻ سبب علائقي ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي، متاثرن پاران ڪارروائي جو مطالبو نامعلوم ماڻهن مڇي جي کڏ ۾ زهر وجهي لکين روپين جو نقصان پهچايو: متاثر ڳوٺاڻا*
  • * حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري اسماءَ ۽ نوجوان ارشاد مگسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش *ناري نابالغ آهي، سندس عمر 15 سال آهي: جاچ آفيسر جو عدالت ۾ بيان* عدالت ناري اسماءَ کي دارلامان اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڪنٽينرز تحويل ۾ وٺڻ خلاف درخواست *عدالت گهرو وزارت کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو *سياسي جلسن جي لاءِ به پوليس ڪنٽينرز کڻي ويندي آهي: درخواستگذار *

ٽڪ ٽاڪ اسٽار غني ٽائيگر جي پيءُ جو قتل، 3 جوابدار گرفتار، شوبز فنڪار ڏکارا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ ايپ تي وڊيو شيئر ڪري مقبوليت حاصل ڪندڙ غني ٽائيگر (حمزا غني) گذريل ڏينهن هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي جنهن ۾ روئيندي ٻڌايو هو ته سندس والد کي ڪجهه ماڻهن بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس ڀاءُ تي به قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي. سيالڪوٽ جي تعلقي پسرور سان واسطو رکندڙ غني ٽائيگر ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ ٻڌايو ته “منهنجي اکين سامهون منهنجي پيءُ کي گذريل ڏينهن قتل ڪيو ويو، سندس ڪو ڏوهه نه هو، ماڻهن وٽ هٿيار هئا منهنجي پيءُ، مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ کي مارڻ آيا هئا” غني موجب حملي کان بچي ويس، منهنجي ڀاءُ کي پير ۾ گولي لڳي، پيءُ کي لوهي سيخن سان ماريو ويو ۽ پوءِ کيس مٿي ۾ گولي هنئي وئي، هن چيو ته ماءُ صدمي ۾، ڀاءُ اسپتال ۾ ۽ پيءُ قبر ۾ آهي، منهنجي زندگي تباهه ڪندڙ پاڪستاني ئي آهن. هن وڊيو ۾ انصاف جي اپيل ڪئي. سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو کانپوءِ “جسٽس فار دائود” جو هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو جنهن جو استعمال ڪندي غني ٽائيگر سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو. ڳائڻي بلال سعيد لکيو ته انصاف جي حاصلات لاءِ هن ٻار جي مدد ڪريو. اداڪارا ارمينا خان لکيو ته مونکي نظر اچي رهيو آهي ته هن وقت هي ڪيتري تڪليف ۾ ورتل آهي، مون کي اميد آهي ته کيس انصاف ضرور ملندو. اداڪارا زارا نور عباس صديقي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مون کي اهو ڏسي تڪليف ٿي رهي آهي ته هڪ اهڙي دور ۾ ۽ وقت ۾ به هڪ پٽ کي اهڙي ريت پنهنجي والد جي قتل لاءِ انصاف گهرڻو پئجي رهيو آهي ۽ ٻيا ڪيترا قتل ٿيندا جنهن کانپوءِ جوابدارن کي جيل موڪليو ويندو؟ هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير جي ڊيجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن اظهر مشواني ٽوئٽر تي ٻڌايو ته پوليس ايف آءِ آر داخل ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن 2 زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ آهن. هن چيو ته هي ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جو واقعو هو. اظهر مشواني هڪ وڊيو به جاري ڪئي جنهن ۾ غني ٽائيگر سيالڪوٽ پوليس جي سهڪار جا ٿورا مڃي رهيو هو.

Bookmark the permalink.