تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٽوئيٽر تي مختصر آڊيو پيغام ٽوئٽ ڪرڻ جو فيچر متعارف

ٽوئيٽر هڪ نئين فيچر جي آزمائش شروع ڪئي آهي جيڪا صارفين کي مختصر آڊيو ڪلپ رڪارڊ ڪرڻ ۽ شيئر ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو جنهن کي ڪمپني ٽوئٽنگ ود يوئر وائس جو نالو ڏنو آهي، ٽوئيٽر جي پروڊڪٽ ڊزائنر مايا پيٽرسن هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ان جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا اکر ڪافي ناهن هوندا ۽ ڪجهه روايتي محاورا ترجمي ۾ گم ٿي ويندا آهن تنهن ڪري اسان هڪ نئين فيچر جي آزمائشي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ته جيئن ٽوئيٽر کي وڌيڪ سولو بڻايو وڃي، وائس ٽوئٽس ٽائم لائن ۾ ڪنهن وڊيو وانگر نظر ايندا اهي هلندا به هڪ وڊيو وانگر پر ان ۾ وڊيو نظر اچڻ بدران پروفائل تصوير نظر ايندي جيڪا حرڪت ڪري رهي هوندي، ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٽوئٽ ڪمپوزر اوپن ڪري نئين ويو لينٿ آئڪون کي ڪلڪ ڪري آڊيو رڪارڊ ڪرڻو پوندو، ڪمپني موجب هر وائس ٽوئٽ ۾ 140 سيڪنڊ جي آڊيو رڪارڊ ڪري سگهبي، جيڪڏهن رڪارڊ ان کان وڌيڪ هوندي ته خودڪار طور پوسٽ ۾ وائس رڪارڊ جو ٿريڊ ٺهي ويندي، اهو فيچر في الحال آءِ او ايس ڊوائسز تي ٽوئيٽر استعمال ڪندڙن لاءِ موجود آهي، ايندڙ هفتن ۾ سمورن آءِ او ايس صارفين لاءِ موجود هوندو، هر هڪ ان آڊيو پيغامن کي پنهنجي ٽوئٽر ٽائم لائن تي ڏسي سگهندو، اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لاءِ اها سهولت ميسر هجڻ بابت ڪمپني پاران ڪجهه ناهي ڄاڻايو ويو.

Bookmark the permalink.