تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

“يورپ ۾ احساس ناهي” اميرخاندانن جو بيمار وڏڙن جي سنڀال لاءِ ايشيا جو رخ

بئنڪاڪ(انٽريسٽنگ نيوز) يورپ جي ملڪن جا امير ماڻهو پنهنجي خاندان جي ڪراڙن کي پاڻ سان گڏ ته ڇا پر پنهنجي ملڪ ۾ ئي رکڻ جا روادار نه آهن، هو کين هزارين ميل پري ٿائيلينڊ ۾ اماڻي رهيا آهن جتي هو پنهنجي حياتي جا آخري ڏهاڙا گذاريندا آهن. الجزيرا جر رپورٽ موجب اڳ ۾ يورپ ۾ ماڻهو پنهنجي ڪراڙن کي اولڊ ايج هومز ۾ اماڻيندا هئا پر اتي ساڻن خراب سلوڪ، تشدد ۽ ٻين شڪايتن جي ڪري امير خاندان پنهنجي ڪراڙن لاءِ متبادل جايون ڳولهي رهيا آهن، بهترين ماحول، سستائي، ۽ بزرگن جي عزت ڪرڻ واري ثقافت جي ڪري ٿائيلينڊ انهن جي بهترين چونڊ ثابت ٿي رهي آهي، خاص طور تي وساري ۽ الزائمر جي مريضن کي ٿائيلينڊ اماڻيو ويندو آهي. سوئٽزر لينڊ جي والٽر گلور پنهنجي گهرواري مايا کي ٿائيلينڊ جي شهر چيانگ مائي آندو، جتي سندس خيال رکيو پيو وڃي. گلور جو چوڻ هو ته مون کي مايا لاءِ ٻي ڪابه بهتر جاءِ نه لڌي ان ڪري هن کي هتي وٺي آيس ڇاڪاڻ ته کيس ڏينهن رات سنڀاليندڙ جي ضرورت پوي ٿي.

Bookmark the permalink.