تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ياسر سان ملاقاتن جا طعنا ملڻ تي اقرا شادي ۾ جلدي ڪئي!

2018ع کان ياسر سان لاڳاپا هئا، ماڻهو ڊيٽنگ ۽ ملاقاتن بابت سوال ڪرڻ لڳا هئا: اقرا عزيز

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) گذريل سال ڊسمبر ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ اقرا عزيز شادي جي 9 مهينن کانپوءِ جلدي ۾ شادي ڪرڻ واري راز تان پردو کڻندي چيو آهي ته هن ڪجهه خاص سببن جي ڪري ياسر حسين سان جلد شادي ڪئي. اداڪارا عفت عمر کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ياسر حسين سان لاڳاپن، شادي ۽ محبت تي ڳالهائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪيريئر تي به ڳالهايو. هن چيو ته اصل ۾ ٻنهي م لاڳاپا ٿيڻ تي ماڻهو قسمين قسمين ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ سوال ڪرڻ لڳا هئا. ماڻهن ڊيٽنگ ۽ ملاقاتون بابت سوال ڪندا هئا جن مان تنگ اچي وئي هيس. مون ياسر کي شريڪ حيات بڻائڻ جو فيصلو اڳ ئي ڪري ورتو ته ان الءِ شادي ۾ جلدي ڪئي. اسلامي ملڪ ۾ شادي کان اڳ ملاقاتن جا طعنا ڏنا ويندا هئا اهڙين ڳالهين مان جند ڇڏائڻ لاءِ جلدي شادي ڪئي. هن انڪشاف ڪيو ته ياسر ۽ مون وچ ۾ 2018ع ۾ ڪينيڊا جي دوري دوران لاڳاپا ٿيا، هن ان دوران هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن ياسر حسين جي تعريف ڪندي چيو ته هو کيس کاڌو پچائي کارائڻ سميت ڪيترائي ڪم ڪري ٿو. هن اعتراف ڪيو ته ياسر حسين کيس حوصلو ڏئي ٿو جڏهن ته هو ساڻس شادي کان اڳ مايوس هوندي هئي پر شادي کانپوءِ ياسر جي ڪري حوصلو آيو آهي. هن چيو ته مان رڳو 15 ورهين جي عمر ۾ شوبز ۾ آئي هيس ۽ ماءُ ۽ وڏي ڀيڻ ۾ ڊرامن ۾ ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏني وئي. ماءُ جو اهو شرط هو ته جيڪڏهن مان هڪ سال تائين اداڪاري ۾ سٺو نالو ڪمايو ته ٺيڪ آهي نه ته واپس اچي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته هاڻي 7 سال ٿي چڪا آهن ان دوران جيڪو به ڪم ڪيو آهي ان تي مون کي فخر آهي. هن انڪشاف ڪيو ته ڪيترن ئي ماڻهن جلدي شادي کان روڪيو هو جڏهن ته شادي کانپوءِ ساڳيا ماڻهو چوندا آهن ته ڀلو ڪيو. هن چيو ته سٺي عمر ۽ سٺي وقت ۾ شادي ڪئي آهي ۽ ياسر حسين سان شادي ڪري خوش آهيان.

Bookmark the permalink.