تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ياسر حسين، نديم بيگ جي ڊگهي ڄمار لاءِ دعاگو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ياسر حسين ليجنڊ اداڪار نديم بيگ کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته پنهنجي حقيقي سپر اسٽارز کي به ياد رکو، ضروري ناهي ته انهن جي مرڻ کانپوءِ ئي تصويرون شيئر ڪيون وڃن. ياسر حسين انسٽاگرام تي پاڪستان جي ليجنڊري اداڪار ۽ پروڊيوسر نديم بيگ جي ڊگهي ڄمار جي دعا ڪندي هڪ ڳڻتي جوڳو پيغام شيئر ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ ساٿي فنڪارن طرفان به سندس واکاڻ ڪئي آهي. ياسر حسين انسٽاگرام تي نديم بيگ کي پاڪستان لاءِ ڏنل خدمتن جي اعتراف ۾ ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته ضروري ناهي ته اسان رڳو انهن فنڪارن جون تصويرون لڳايون جيڪي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. اداڪار جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي ليجنڊرز ۽ حقيقي سپر اسٽارز کي سندن زندگي ۾ به ياد ڪري سگهون ٿا ۽ سندس ڊگهي ڄمار جي دعا به ڪري سگهون ٿا. ياسر حسين نديم بيگ جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي لکيو ته نديم بيگ 1967ع کان هيل تائين 200 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.