تازا ترين
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

”ونس اپان اي ٽائم ان ڪراچي” جو ٽيزر جاري

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا نوشين شاهه ۽ اداڪار محسن عباس حيدر جي ايندڙ نئين فلم “ونس اپان اي ٽائم ان ڪراچي” جو پهريون ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي. نوشيهن شاهه جي هي پهرين فلم آهي، هو ماڊلنگ سان گڏوگڏ ڊرامن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي. اداڪارا جو چوڻ آهي ته کيس فلم مان سٺيون اميدون آهن. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ عدنان شاهه ٽيپو، علي رضوي ۽ احمد بلال شامل آهن. هن فلم ۾ رومانس، ڪاميڊي ۽ شاندار ميوزڪ سان گڏوگڏ سنجيده ايڪشن ڏسڻ لاءِ ملندو.

Bookmark the permalink.