تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

وزيراعظم ثابت ڪري ڇڏيو ته ڪراچي يتيم ناهي: منيب بٽ

ڪراچي پيڪيج تي جلد کان جلد عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪار منيب بٽ ڪراچي پيڪيج تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ڀائيواري تي چيو آهي ته وزيراعظم جا قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ڪراچي يتيم ناهي. منيب بٽ پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ لکيو ته عمران خان جي مهرباني جنهن ڪراچي لاءِ هڪ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن لکيو ته اوهان ڪراچي لاءِ اهڙي پيڪيج جو اعلان ڪري ثابت ڪيو ته ڪراچي يتيم نه آهي. هن خيالن جو اظهار ڪيو ته هن پيڪيج تي جلد کان جلد عملدرآمد کي ممڪن بڻائڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.