تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • احتساب عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌائيندي*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

والدين کي ٻارن جي پرورش ۾ غفلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي: ندا ياسر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ندا ياسر چيو آهي ته ٻارڙن جي پرورش ۾ ماءُ ۽ پيءُ جو سڀ کان وڏو ڪردار هوندو آهي جيڪو به پنهنجين ذميوارين کان غفل ڪري ٿو ته ٻار پنهنجي اصل رستي تان لهي وڃن ٿا. هن چيو ته ماءُ ٻارن جي پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ هي سندس فرض به آهي پر ان سان پيءُ کي به پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڀرپور دلچسپي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن زال مڙس گڏجي ٻارن جي پرورش ڪن ٿا ته انهن ۾ خوداعتمادي اچي ٿي ۽ هو وڏا ٿي معاشري ۾ سٺي شهري جو ڪردار ادا ڪري گسهن ٿا. ندا ياسر چيو ته والدين کي پنهنجن ٻارن جي پرورش تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ دوستاڻو رويو به رکڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي دل جي هر ڳالهه اوهان سان چئي سگهن.

Bookmark the permalink.