تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

والاريل ڪشمير ۾ والدين ٻارڙي جو نالو ارطغرل رکي ڇڏيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) جڳ مشهور ترڪش سيريز “ارطغرل غازي”جا پاڪستان ۾ ته گهڻا مداح آهن پر والاريل ڪشمير جو عوام به ايترو متاثر ٿيو آهي جو هڪ جوڙي پنهنجي ٻار جو نالو ئي ارطغرل رکي ڇڏيو آهي. ٽوئٽر تي طاهر نالي صارف پنهنجي ٻار جي پيدائش کانپوءِ اسپتال ڪارڊ جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ رهندڙ والدين پنهنجي پٽ جو نالو “ديريليش ارطغرل“ جي مک ڪردار مان متاثر ٿي ارطغرل رکيو آهي. صارف تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي والاريل ڪشمير ۾ پهريون واقعو آهي جو تازو ڄاول ٻار جو نالو ترڪ سيريز جي مک ڪردار ارطغرل تي رکيو ويو آهي. ٻئي پاسي والاريل ڪشمير جي هڪ ماهر جو چوڻ آهي ته ٻار جا والدين وڏي شوق سان ارطغرل غازي ڏسن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو هنن پنهنجي پٽ جو نالو به ارطغرل رکيو آهي.

Bookmark the permalink.