تازا ترين
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

واجد خان جي لاڏاڻي تي بالي ووڊ فنڪار ڏکويل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور موسيقار جوڙي ساجد واجد جي ميمبر واجد علي خان جي لاڏاڻي تي بالي ووڊ فنڪارن افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڀارتي اداڪار اميتاڀ بچن واجد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي چيو ته اڄ اسان جو هڪ مرڪندڙ ٽيلينٽ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪندي چيو ته باصلاحيت ۽ مرڪندڙ چهرو واجد خان اسان کان وڇڙي ويو جنهن ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. بالي ووڊ جي چل بل پانڊي سلمان خان واجد خان جي لاڏاڻي تي چيو ته اسان واجد کي هميشه پيار، عزت ۽ احترام سان ياد ڪنداسين.

Bookmark the permalink.