تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

هن ڀيري عيد جي ڪا تياري نه ڪئي هئي: صبا قمر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صبا قمر جو چوڻ آهي ته اداڪارا هن ڀيري عيد ملهائڻ لاءِ ڪا تيار نه ڪئي هئي ڇو ته هي عيد سوڳوار هئي اداڪارا صبا قمر انسٽاگرام تي پنهنجي انهن مداحن لاءِ ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون جيڪي اداڪارا جي عيد جي ڏينهن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ بي چين هيا. اداڪارا لکيو جيڪي منهنجي عيد جون تصويرون ڏسڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا مان انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته هن ڀيري عيد ملهائڻ لاءِ ڪا تيار نه ڪئي هئي ڇو ته هي عيد مختلف هئي. عيد ملهائڻ ڏکيو هو ڇو ته مان انهن بابت سوچي رهي هيس جيڪي جهاز حادثي ۽ عالمي وبا سبب دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.

Bookmark the permalink.