تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

هفتي جي ڳولا کانپوءِ اداڪارا نايا ريويرا جو لاش ملي ويو

اداڪارا کي نه قتل ڪيو ويو آهي ۽ نه هن آپگهات ڪيو آهي: عملدار

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا جي شهر لاس اينجلس ويجهو پيرو ڍنڍ ۾ 8 جولاءِ تي وهنجڻ دوران ٻڏي ويل 33 سالن جي اداڪارا نايا ريويرا جو لاش ملي ويو. عملدارن اداڪارا جي ٻڏي وڃڻ جي 24 لاڪن کانپوءِ خدشو ظاهر ڪيو هو ته هو فوت ٿي چڪي آهي. ۽ لاش شايد نه ملي سگهي. پر ان باوجود وڏي پئماني تي ڳولا جاري رکي وئي ۽ نيٺ لاش ملي ويو. خابرو اداري رائيٽرز موجب مقامي عملدارن تصديق ڪئي ته گذريل رات مليل لاش اداڪارا نايا ريوويرا جو آهي ۽ لاش ملڻ بابت اداڪارا جي گهرڀاتين کي آگاهه ڪيو ويو اهي. اداڪارا جي لاش مان نمونا وٺي ميڊيڪل چيڪ اپ الءِ موڪليا ويا آهن ۽ هيل تائين ڄاڻ ملي آهي ته اداڪارا کي قتل ناهي ڪيو ۽ نه ئي هن آپگهات ڪيو آهي. 

Bookmark the permalink.