تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

هر فنڪار عالمي سطح تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو: آغا علي

جڏهن ڪنهن فنڪار کي عالمي ڪم ملي ٿو ته کيس فخر ٿئي ٿو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور پاڪستان اداڪار آغا علي چيو آهي ته فنڪار هميشه عالمي سطح تي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند هوندا آهن. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب آغا علي پنهنجي سوشل ميديا بيان ۾ چيو آهي ته فنڪارن جي خواهش هوندي آهي ته هو عالمي سطح تي ڪم ڪن ۽ جڏهن کين ڪو پرڏيهي پراجيڪٽ ملندو آهي ته اهو سندن لاءِ فخر جو وقت هوندو آهي پر هتي جڏهن ٻاهرين اداڪارا کي پاڪستان ۾ ڪم ڏنو وڃي ٿو ته هتان جا فنڪار پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿا جيئن پرڏيهي فنڪارن سندن حقن تي ڌاڙو هڻڻ آيا هجن. هن لکيو ته الله جيڪو اوهان جي نصيب ۾ لکيو هوندو انکان وڌيڪ نه ملندو ۽ نه ئي گهٽ ملندو.

Bookmark the permalink.