تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

هاڻي ته گهٻرائڻ ڏيو هاڻي گهٻرائڻ ٺهي ٿو:اقرا/ياسر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو اهو جملو ته “سڀ کان پهريان اوهان کي گهٻرائڻو ناهي” انٽرنيٽ تي ڪافي وائرل ٿيو جنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن ميمز توڙي وڊيوز ٺاهيون پر هاڻي پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور جوڙي اداڪار ياسر حسين ۽ اقرا عزيز به هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي اداڪارا اقرا عزيز ۽ ياسر حسين جي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو وزيراعظم عمران خان جي جملي تي اداڪاري ڪندي نظر اچن ٿا ۽ پوءِ وري چون ٿا ته هاڻي ته اسان کي گهٻرائڻ ڏيو هاڻي اسان جو گهٻرائڻ ٺهي ٿو هوڏانهن سوشل ميڊيا تي فنڪارن جي اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن کي هيل تائين لکين ماڻهو ڏسي چڪا آهن

Bookmark the permalink.