تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

هانيه عامر عاصم اظهر کي زندگي جو خوبصورت حصو قرار ڏئي ڇڏيو

ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ هانيا عامر ٻيهر آئمه بيگ سان لائيو سيشن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل هانيا عامر جي حوالي سان اهي اڳڪٿيون هيون ته سندس عاصم اظهر سان لاڳاپا آهن. ڳائڻي آئمه بيگ سان لائيو چيٽ دوران هانيا عامر کان پڇيو هو ته مداح پڇي رهيا آهن ته هو عاصم اظهر سان ڪڏهن شادي ڪندي. آئمه بيگ طرفان سوال پڇڻ تي هانيا عامر ڳالهه ٽاريندي چيو ته اڃان هو ننڍي آهي، هو ڪيئن شادي ڪري وٺي. اهڙي ريت ٻه ڏينهن اڳ ئي هانيا عامر آئمه بيگ سان ئي لائيو چيٽ ۾ عاصم اظهر سان لاڳاپن جي تردي ڪئي هئي. مختصر وڊيو ۾ هانيا اعتراف ڪيو هو ته هو ۽ ڳائڻو بهترين دوست آهن. اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي هئي جنهن تي هانيا عامر کي ٽرول به ڪيو ويو هو. هاڻي وري اداڪارا تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي عاصم اظهر کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي زندگي جو خوبصورت حصو قرار ڏنو آهي. هانيا انسٽاگرام تي 30 لک فالوورز ٿيڻ تي ڊگهي پوسٽ ۾ مداحن جي محبت ۽ احترام جو احترام ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن لکيو ته مداح کيس 18 سالن جي عمر جي ڇوڪري مان عورت بڻجندي ڏٺو ۽ سندس اداڪاري ۽ فن جي واکاڻ ڪئي جنهن تي مان سندن ٿورائتي آهيان. هن کيس ٽرول ڪندڙن کي جواب ڏيندي لکيو ته اهڙن ماڻهن کي گهڻو فري ٿيڻ ۽ اڳتي نڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندڙن لاءِ لکيو ته کيس خبر آهي ته پاڪستان جو مزاح ڪرڻ جو طريقو سٺو آهي پر کيس ڪنهن کي به اهڙي ريت ٽرول نه ڪرڻ گهرجي. هن اعتراف ڪيو ته عاصم اظهر سندس زندگي جو خوبصورت حصو آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان ڪنهن لالچ کانسواءِ سٺو وقت گذاري رهيا آهن. هن چيو ته عاصم ۽ هن لاڳاپا رکڻ جي حوالي سان نفرت نه محبت جي چونڊ ڪئي آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي عزت ڪن ٿا.

Bookmark the permalink.