تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

هانيا عامر جو تنقيد ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا هانيا عامر پاڻ تي تنقيد ڪرڻ وارن کي چپ ڪرائي ورتو. ٽوئٽر تي بريره مرزا نالي صارف هانيا عامر کي تنقيد جو نشانو بنائيندي سندس هڪ انسٽاگرام پوسٽ کي کل جوڳو قرار ڏنو. خيال رهي ته هانيا جو انڪشآف موجب عاصم رڳو سندس سٺو دوست آهي مداح عاصم اظهر سان ايڪي جي اظهارلاءِ فيس بڪ تي جسٽس فار عاصم اظهر جي نالي سان هڪ ايونٽ تخليق ڪيو هو جنهن ذريعي ماڻهن کي هانيا عامر جي گهر ٻاهران احتجاجي مظاهري جي دعوت ڏني وئي هئي. هانيا تصويرون پوسٽ ڪندي لکيو ته احتجاج ڪرڻ وارن لاءِ کاڌو ڪهڙو ٺاهيان. صارف هانيا جي مذاق کي سنجيدگي سان وٺندي لکيو ته اوهان پنهنجي شخصيت جي سڀ کان گهٽ ترين سطح ڏيکاري آهي جيڪا هڪ مقبول اداڪارا کي نٿي سونهين، تنقيد تي هانيا به چپ نه رهي ۽ صارف کي جواب ڏيندي لکيو ته شخصيت جي هيٺئين سطح ظلم سان بيهڻ ناهي هوندو. هن لکيو ته ڪنهنجي ذاتي زندگي بابت عوامي راءِ رکڻ، تشدد، بدسلوڪي، ننڍي عمر جي شادي، جانورن تي ظلم، سڀ هڪ شخص برايون آهن، منهنجو مزاح ناهي.

Bookmark the permalink.