تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

هانيا سان لاڳاپن بابت خبرن تي عاصم سوشل صارفين تي ڪڙڪي پيو!

اوهان منهنجي واکاڻ ڪئي، اوهان جي مهرباني پر هر معاملي ۾ پڦي بڻجڻ جي ضرورت ناهي: ڳائڻو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هانيا عامر کانپوءِ هاڻي پاڪستان جي ميوزڪ انڊسٽري جي نوجوانڳائني عاصم اظهر به پنهنجي ۽ هانيا جي لاڳاپن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ هن سوشل ميڊيا تي ڊگهو پيغام جاري ڪيو آهي. انسٽاگرام تي عاصم اظهر پنهنجي نئين ايندڙ گاني سونيا جي هڪ جهلڪ شيئر ڪئي جنهن سان گڏ هن ڊگهو پيغام به لکيو. ڳائڻي پنهنجي زندگي جون ڏکيائيون بيان ڪندي چيو ته شروعات کان ئي منهنجي زندگي جو سفر سولو ناهي رهيو ۽ مون کي ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پيو آهي پر هتي مان اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان جو اوهان مون کي سپورٽ ڪيو آهي. هن چيو ته انهن سڀني ماڻهن جي مهرباني جن ڏکئي سفر ۾ منهنجي مدد ڪئي، منهنجو ساٿ ڏنو، مون کي هڪ بهترين ڳائڻن ۾ شامل ڪيو.هن چيو ته مان پنهنجي گاني تم تم کي مليل موٽ تي به سڀني جا ٿورا مڃيا ٿو، هن لکيو ته گاني سبب سوشل ميڊيا تي ڪافي مزاحيه ميمز به سامهون آيون پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو حد کان وڌي ويندا آهن. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته مان پنهنجي ڪم سبب ٽرينڊنگ تي رهان پر اوهان ماڻهو ناڪاري انداز ۾ ميمز جو حصو بڻايو ٿا، جتي به آهيان خوش ۽ مطمئن آهيان، مان پاڻ کي سٺو پٽ، سٺو دوست ۽ سٺو انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جيئن زندگي جي چيلينجز کي منهن ڏئي سگهان، هن چيو ته جيئن ته هانيا چيو آهي ته اسان جو تعلق مضبوط آهي جنهن جو تصوير به نٿو ڪري سگهجي ۽ اسان ٻنهي لاءِ هڪ ليبر کان وڌيڪ آهي. هن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته اوهان سڀ آرام سان ويهو ۽ هر جاءِ محلي جي پڦي بڻجو. هن هانيا جي واکاڻ ڪندي چيو ته هانيا هڪ خوبصورت شخصيت جي مالڪياڻي آهي جنهن مون کي پيار ڪرڻ ۽ پيار ورهائڻ سيکاريو آهي، اسان جو واسطو مضبوط رهندو ۽ جيئن مان چيو اسان جو واسطو هڪ ليبل کان وڌيڪ آهي. هن گاني جي حوالي سان چيو ته سندس گانو 23 جولاءِ تي رليز ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.