تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

هالي ووڊ کانپوءِ پريانڪا عربي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند

مون کي عربي نٿي اچي پر ان سان مان عربي سکي وينديس: پريانڪا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ هاڻي عربي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. خيال رهي ته پريانڪا چوپڙا کي شوبز ۾ 20 سال ٿي ويا آهن هن ڊسمبر 2018ع ۾ آمريڪي ڳائڻي ۽ اداڪار نڪ جوناس سان شادي ڪئي هئي ۽ اڄ ڪلهه ايمزون جي سيريز ۾ ڪم ڪري رهي آهي. اداڪارا هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته مان عربي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪنديس پر افسوس مون کي عربي نٿي اچي. اداڪارا چيو ته مون کي لڳي ٿو ته مان ڪٿي به فلم انڊسٽري جو حصو بڻجڻ پسند ڪنديس، مون کي پنهنجو ڪم پسند آهي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته مان هڪ نئين ٻولي سکي وينديس. پنهنجي موجوده پراجيڪٽس بابت هن ٻڌايو ته مان ايمازون لاءِ پنهنجي نئين سيريز جي شوٽنگ شروع ڪري رهي آهيان جنهن کي روسو برادرز پروڊيوس ڪري رهيا آهن. هي هڪ رومانٽڪ ڪاميڊي آهي ۽ اصل ۾ مينڊي ڪلينگ سان “بڊي ڪاميڊي” آهي. ان کانپوءِ پنهنجي مڙس سان ايميزون لاءِ هڪ شو جي تياري تي ڪم ڪري رهي آهيان جيڪو سنگيت جي ڀارتي روايت تي هوندو.

Bookmark the permalink.