تازا ترين
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

نيٽ فليڪس تي حسن منهاج جو شو ختم ٿيڻ تي صارفين ڪاوڙيل

حسن منهاج جهڙي ميزبان جو شو بند ڪرڻ تي حيرت آهي: صارفين

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) 6 دلچسپ سيزنز کانپوءِ نيٽ فليڪس پرائم ٽائم ۾ نشر ٿيندڙ ڪاميڊي ٽاڪ شو پيٽرائيٽ ايڪٽ اوچتو ختم ڪري ڇڏيو جنهن تي مداح حيران ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪاوڙيل به آهن. ان حوالي سان حسن منهاج سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پيٽرائيٽ ايڪٽ جي مداحن کي الوداع چيو. حسن منهاج پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پيٽرائيٽ ايڪٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، مون کي بهترين ليکڪن، پروڊيوسرز، محققن ۽ اينيميٽرز سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن لکيو ته ان دوران منهنجا 2 ٻار پيدا ٿيا ۽ شو سان گڏ وڏا ٿيا، نيٽ فليڪس ۽ پروگرام ڏسڻ وارن جو ٿورائتو آهيان. ٽوئيٽ تي مداحن حيرت ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٽوئٽر صارف لکيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته نيٽ فليڪس اهڙو شو ڇو بند ڪيو جيڪو سماجي ۽ سياسي مسئلن کي ڪوريج ڏيندو هو جيڪو اڪثر مين اسٽريم ميڊيا ۾ ناهي ڏيکاريو ويندو. هڪ ٻئي صارف لکيو ته حسن منهاج ڏکڻ ايشيا جو واحد ڪاميڊين آهي جنهن ڪڏهن پنهنجي والد جي ڪاپي ڪندي وقت ڪوڙو لهجو اختيار نه ڪيو، هو اسان جي ڪميونٽي بابت نه پر ان لاءِ لطيفا ٺاهي ٿو. ٽوئٽر صارفن نيٽ فليڪس تي شو ختم ٿيڻ ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

Bookmark the permalink.