تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

نيو يارڪ ۾ گذاريل وقت ڀوائتو خواب لڳي ٿو: ميرا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) لالي ووڊ اداڪارا ميرا چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران نيو يارڪ ۾ گذاريل ٻه مهينا ڪڏهن وساري نه سگهنديس ۽ اهو هڪ ڀوائتو خواب آهي. ڪورونا سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي پر آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو اتي موت جي شرح به خطرناڪ آهي. هڪ انٽرويو ۾ ميرا چيو ته مان خدا جو شڪر ادا ڪريان ٿي ته خير سان پنهنجي ملڪ پهچي وئي آهيان ۽ مون کي دلي اطمينان ۽ سڪون مليو آهي. هن چيو ته نيو يارڪ ۾ گذاريل ٻه مهينا اذيت سان ڀرپور هئا ۽ شايد مان اهڙي ڏکئي وقت کي ڪڏهن نه وساري سگهنديس ان کي ڏکئي وقت طور ياد رکنديس.

Bookmark the permalink.