تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

نيلم منير عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) شوبز سان واڳيل ۽ ٽي وي ڊرامن جي مشهور اداڪارا نيلم منير عورتن جي حق ۾ آواز اٿاري ڇڏيو. فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ مشهور اداڪارا جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو عورتن جو حق ڦٻائين ٿا اهي آخرت ۾ الله سامهون وڏا ڏوهي هوندا. نيلم منير جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اهڙن ماڻهن کي الله جي عذاب کان ڊڄڻ گهرجي. پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هن هڪ ٽرڪ آرٽ به شيئر ڪيو جنهن ۾ هڪ ٻارڙي جي تصوير سان گڏ پيغام لکيل آهي.

Bookmark the permalink.