تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

نورا فاتحي کي شادي جي جلدي، پنهنجا ٻار ڏسڻ چاهيان ٿي: اداڪارا

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڪينيڊين ڄائي ڀارتي اداڪارا، ڳائڻي، ڊانسر ۽ ماڊل نورا فاتحي انڪشاف ڪيو آهي ته هو جلد پنهنجي فيملي ٺاهڻ چاهي ٿي ۽ پنهنجا خوبصورت ٻار ڏسڻ چاهي ٿي. ڀارتي شو بگ باس ذريعي شهرت ماڻيندڙ نورا فاتحي پاڻ کي ڪورونا لاڪ ڊائون دوران گذريل چئن مهينن کان آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي پر هو سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي مداحن سان رابطي ۾ رهي ٿي ۽ دلچسپ وڊيوز شيئر ڪندي رهي ٿي. نورا فاتحي پنهنجي هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پنهنجو خاندان شروع ڪرڻ ۽ پنهنجا ٻار ڏسڻ جي تڪڙ آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب نورا جو چوڻ آهي ته هن ڪڏهن به شادي بابت نه سوچيو هو پر هاڻي سوچي ٿي.

Bookmark the permalink.