تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ننڍي کنڊ جي مشهور شاعر گلزار جي 86هين سالگرهه ملهائي وئي

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور نغمه نگار ۽ هدايتڪار گلزار گذريل ڏينهن پنهنجي 86هين سالگرهه ملهائي. گلزار جو اصل نالو سمپورن سنگهه آهي جيڪو 1934ع ۾ پاڪستان جي شهر جهلم ۾ پيد اٿيو. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت ويو ۽ موٽر ميڪينڪ طور زندگي جو سفر شروع ڪيو. شاعري ۽ فلمن ڏانهن رجحان کيس فلمي صنعت ڏانهن آندو ۽ پوءِ هو ڪامياب نغمه نگار ۽ بهترين هدايتڪار طور اڀريو ۽ دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو.

Bookmark the permalink.