تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

نمرا پاران مائٽن جي مرضي سان شادي ڪرڻ جو انڪساف، مڙس لنڊن پوليس ۾ ملازم

لاهور (شوبز نيوز)) مشهور اداڪاره نمره خان انڪشاف ڪيو آهي ته مان پنهنجي گهر وارن جي مرضي سان شادي ڪئي آهي. منهنجي مائٽن رشتو ڳوليو مون تصوير ڏٺي ۽ ها ڪري ڇڏي.اهڙين ڳالهين جو انڪشاف هن هڪ خانگي ويب سائٽ کي انٽرويو ۾ ڪيو. نمره خان چيو ته مان پنهنجي مائٽن جي مرضي سان شادي ڪئي انهن رشتو ڳوليو. مون کي تصوير ڏيکاري مون کي ڇوڪرو پسند آيو مون ها ڪري ڇڏي باقي معاملا منهنجي والدين پاڻ طئي ڪيا.هن دعويٰ ڪئي ته منهنجي مڙس کي اها خبر نه هئي ته مان اداڪاره آهيان ۽ نه ئي هن شادي کان پوءِ مون کي شوبز جي دنيا ڇڏڻ جو چيو آهي. ان لاءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته منهنجي مڙس منهنجي شهرت سان شادي ڪئي آهي. اداڪاره چيو ته منهنجو مڙس لنڊن پوليس ۾ ملازم آهي.هو کلي دل جو مالڪ آهي. مان شوبز ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ آزاد آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻ اهو وقت گذري ويو جڏهن شوبز ۾ ڇوڪرين کي پنهنجي شادي کي لڪائڻو پوندو هو. انهن کي ڊپ هوندو ته جيڪڏهن شادي جي باري ۾ ٻڌايو ته اسان کي ڪم نه ملندو. هاڻ انڊسٽري ڪافي جديد ٿي چڪي آهي. هن چيو ته مون هميشه پنهنجي ڪم جي ڪري ئي شوبز اندسٽري ۾ پاڻ مڃرايو آهي پر اڄ آئون جيڪو ڪجهه به آهيان اهو فقط پنهنجي ڪم جي ڪري آهيان. هن چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ نالو ٺاهڻ ۽ عزت حاصل ڪرڻ ايترو آسان ناهي انڪري مون به سخت محنت ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪي به اداڪارائون هن وقت انڊسٽري ۾ ڪم ڪري رهيون آهن اهي سڀ سٺن گهراڻن سان تعلق رکن ٿيون.

Bookmark the permalink.