تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

نغما لفظ نه احساس آهن: عاصم اظهر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ميوزڪ انڊسٽري جي نوجوان ڳائڻي عاصم اظهر چيو آهي ته آءِ ايس پي آر جا يومِ دفاع جي موقعي تي رليز ڪيل نغمن ۾ رڳو ٻول نه پر هن ۾ احساس شامل آهن. سوشل ميڊيا سائيٽ ٽوئٽر تي عاصم اظهر جو چوڻ هو ته هر گهڙي تيار ڪامران هين هم. جا ٻول رڳو نغمي جا ٻول نه پر هنن ۾ احساس به شامل آهن. ڳائڻي پنهنجي ٽوئٽر مداحن طرفان نغمي ۾ ڳائڻ جي حصي جي وڊيو شيئر ڪئي. خيال رهي ته شهداءِ پاڪستان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آءِ ايس پي آر خاص نغمو هر گهري تيار هين ڪامران هين هم. رليز ڪيو هو. هن نغمي کي پاڪستان جي مشهور ڳائڻن پنهنجي خوبصورت آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو آهي. نعمي ۾ وطن لاءِ قربانيون ڏيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.

Bookmark the permalink.