تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

نعمان سميع جي سالگرهه: عليزي شاهه جو محبت ڀريو پيغام

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي نوجوان اداڪارا عليزي شاهه سوشل ميڊيا تي اداڪار نعمان سميع لاءِ محبت ڀريو پيغام لکي ڇڏيو. گذريل ڏينهن اداڪار نعمان سميع جي سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي نوجوان اداڪارا عليزي شاهه انسٽاگرام تي نعمان سميع جي سالگرهه تي هڪ تصوير شيئر ڪئي. عليزي شاهه انسٽاگرام تي اها تصوير شيئر ڪندي لکيو ته مان پنهنجي خوش قسمتي تي يقين نٿي ڪري سگهان ته مون کي اوهان جهڙو بهترين دوست مليو. اداڪارا لکيو ته اوهان منهنجي زندگي جو هر ڏينهن خاص بڻائيندا آهيو. هن لکيو ته منهنجي زندگي جي سڀ کان پياري شخص کي سالگرهه مبارڪ هجي. اوهان کي زندگي جون سموريون خوشيون نصيب ٿين. عليزي شاهه جي اهڙي پوسٽ تي نعمان سميع تبصرو ڪندي لکيو ته منهنجي زندگي ۾ اوهان جي ساٿ مون کي خوش قسمت بڻائي ڇڏيو آهي. نعمان سميع لکيو ته سالگرهه جو سرپرائيز مليو، اوهان جي مهرباني.

Bookmark the permalink.