تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

نعمان اعجاز ماڻهن جو ڌيان ماڻڻ لاءِ ڀوڳ پيو ڪري: عتيقه جي حمايت

اداڪار نعمان اعجاز تي تنقيد کانپوءِ سندس ساٿي اداڪارا عتيقه اوڍو دفاع ۾ سامهون اچي وئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ٻه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي اداڪار نعمان اعجاز جي هڪ پراڻي وڊيو ڪلپ وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو عفت عمر سان شادي شده هجڻ باوجود ٻين عورتن سان عشق ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. نعمان اعجاز جي اها ڪلپ 8 سيپٽمبر تي سوشل ميڊيا تي شيئر ٿي ۽ ٽوئٽر تي مي ٽو جو ٽرينڊ ٻيهر ٽاپ تي اچي ويو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن نعمان اعجاز کي تنقيد جو نشانو بنايو، صارفين گوگ عفت عمر کي به تنقيد جو نشانو بنايو ته نعمان اعجاز کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ تي هن تنقيد جو نشانو ڇو نه بڻايو. اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٿيل تنقيد تي نعمان اعجاز پاڻ ڪو رد عمل ناهي ڏنو جڏهن ته سندس ساٿي اداڪارا عتيقه اوڍو دعويٰ ڪئي آهي ته نعمان اعجاز جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي مذاق ۾ ڪيون هيون. عتيقه اوڍو پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ نعمان اعجاز کي پنهنجو بهترين دوست قرار ڏيندي کيس مخاطب ڪندي لکيو ته کيس اهو فن اچي ٿو ته ماڻهن جو ڌيان ڪيئن حاصل ڪجي ۽ هاڻي هن ماڻهن جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي. عتيقه اوڍو لکيو ته کيس يقين آهي ته نعمان اعجاز زال سان بي وفائي ڪرڻ واري ڳالهه مذاق ۾ چئي پر ماڻهن ان کي سچ سمجهي ورتو ۽ اهو ئي ٻين جو ڌيان حاصل ڪرڻ جو سڀ کان بهترين طريقو آهي. عتيقه اوڍو نعمان اعجاز جي زال رابعه جو نالو وٺندي کيس ان ڳالهه تي داد ڏنو ته هن مڙس جي اهڙي مذاق تي ڪو رد عمل ڏيڻ بدران تي ٽهڪ ڏنا. عتيقه اوڍو نعمان جي طبيعت ۽ مذاق واري عادت جي واکاڻ ڪندي چيو ته کيس اهڙن ماڻهن تي حيرت ٿئي ٿي جيڪي ٻين جي مذاق ۾ چيل ڳالهه کي غلط رخ ڏئي ان تي رد عمل ڏيڻ شروع ڪن ٿا. هن ساٿي اداڪار لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ماڻهن کي صلاح ڏني ته جيڪي مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن، کين نعمان اعجاز جو سمورو انٽرويو ٻڌڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن هو پورو انٽرويو نٿا ڏسي سگهن ته هو ننڍڙي ڪلپ ڏسي ڪنهن جي شخصيت جو اندازو نه لڳائين.

Bookmark the permalink.